19 منگل , فروری 2019

سلمان خان جي فلم ”ٽيوب لائٽ“ جي ڪوريوگرافر انساني اسمگلنگ جي الزام هيٺ گرفتار

ممبئي (شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان جي فلم” ٽيوب لائٽ ۾ رقص سيکاريندڙ بالي ووڊ ڪوريوگرافر ايجنيز هيملٽن کي انساني اسمگلنگ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو . ڀارتي ميڊيا جي موجب ڪوريوگرافر ايجنيز هيملٽن کي ممبئي ۾ ڪرائم برانچ انساني حقن جي اسمگلنگ ڪرڻ ۽ عورتن کي جسم فروشي تي مجبور ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب هيملٽن بالي ووڊ ڪوريو گرافي کانسواءِ ڊانس اسائمنٽ جي بهاني پرڏيهي ملڪ موڪليندي هئي جتي کين جسم فروشي تي مجبور  ڪيو ويندو هو. اهڙيون خبرون ان وقت سامهون آهيون جڏهن ڪينيا جي حڪومت هڪ عورت رضيه پٽيل کي ڀارت ڊي پورٽ ڪيو، ان عورت کي هيملٽن رقص جي اسائمنٽ جي سلسلي ۾ ڪينيا موڪليو هو. ڀتاخوري ٽوڙ جي سينيئر انسپيڪٽر اجي ساونت جوچوڻ آهي ته رضيه پٽيل نالي عورت ٻڌايو ته ايجنيز کيس اهو چئي ڪينيا موڪليو ته اوهان کي اتي تمام سٺو ڪم ملندو پراتي پهچڻ کانپوءِ کيس جسم فروشي تي مجبور ڪيو ويو .رضيه پٽيل جي بيان کانپوءِ سٽي ڪرائم برانچ انيجنيز کي گرفتار ڪري ورتو آهي جتي هن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته ڪهڙي ريت هوءَ ڇوڪرين کي اداڪاري ۽ ڊانس ڪلاسن جي دلاسو ڏئي پرڏيهي ملڪن موجلندي هئي ۽ کيس جسم فروشي تي مجبور ڪندي هئي. ايجنيز هيملٽن کي ڪينيا، بحرين ۽ دبئي موڪلڻ تي ڇوڪرين عيوض 40 هزار رپيا ملندا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز الدين صديقي جي فلم “فوٽو گراف” جو ٽريلر جاري

ممبئي (شوبز نيوز)حقيقي اداڪاري سبب سڄاتو ويندل ڀارتي اداڪار نواز الدين صديقي جي فلم “فوٽوگراف” …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے