20 بدھ , فروری 2019

تڪراري ٽي 10 ليگ: پاڪستان جي ڪنهن به شهر جو نالو مفاد لاءِ استعمال نه ڪيو ويندو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) تڪراري ٽي 10 ليگ هاڻ پاڪستان جي ڪنهن شهر جو نالو پنهنجي مفاد جي لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهي. تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ٽي 10 ليگ تي پاڪستاني شهرن جا نالا استعمال ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. عدالتي فيصلي موجب ٽي ٽين ليگ ۾ ڪراچي، ڪراچينز يا ان سان ملندڙ جلندڙ نالا استعمال نه ڪيا ويندا. عدالت موجب ڪراچي، ڪراچينز، ڪنگز يا ان سان ملندڙ نالن جا اشتهار به جاري نٿا ڪري سگهجن. تڪراري ٽي 10 ليگ انتظاميا طرفان ڪراچي يا ملندڙ جلندڙ نالا استعمال نه ڪرڻ جي خاطرائي ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ترميمي بل 2018 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ترميمي بل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے