18 جمعہ , جنوری 2019

رپورٽ| شڪارپور: عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيل گھوٽڪي واسي پوليس بازياب ڪرائي ورتا

شڪارپور ويجهو چڪ واري علائقي مان عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيل گھوٽڪي واسي ابوبڪر سولنگي ۽ مولا بخش سولنگي کي شڪارپور پوليس مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

اي ايس پي سٽي فاروق امجد بُٽر پنھنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو تھ شڪارپور پوليس ايس ايڇ او عالم جتوئي ۽ ايس ايڇ او ايوب ڊوگر جي اڳواڻي ۾ ڳجهي اطلاع تي خانپور جي ڪچي واري علائقي ڳڙھي تيغو  ۾ ناڪابندي ڪئي.

هن چيو تھ ناڪابندي دوران پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو جنھن بعد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ڌاڙيل مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا.

ياد رھي تھ گھوٽڪي جي رھواسين کي ھڪ مھينو اڳ چڪ ويجھو موبائل فون تي عورتاڻي آواز ۾ ھرکائي اغوا ڪيو ويو ھو.

ٻئي پاسي پوليس پاران  مغوين کي بازياب ڪرائڻ واري دعويٰ بعد ڪابھ گرفتاري عمل ۾ نھ اچي سگهي آهي، جڏهن تھ  مغوين کي راڄوڻي ۽ ڳري ڀنگ عيوض بازياب ڪرائڻ جا چئوٻول پڻ ھلي رھيا آھن

رپورٽ- وحيد بروھي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڏهرڪي:  ڪار   ۽  موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر لڳڻ سبب ڪهڙو ٿيو جاني نقصان ؟

ڏهرڪي ويجهو رهڙڪي روڊ لڳ نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار  موٽر سائيڪل کي  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے