15 ہفتہ , دسمبر 2018

ٻارن جي فوتگي وارو معاملو: عدالت فوڊ اٿارٽي کي ميڊيا تي بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌو کائڻ سبب ٻارن جي فوتگي واري معاملي تي سنڌ فوڊ اٿارٽي کي ميڊيا تي بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايري زونل هوٽل جي مالڪ جي سنڌ فوڊ اٿارٽي جي خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت فوڊ اٿارٽي جي چيئرمين ابرار شيخ کان پڇاڻو ڪيو ته توهان رپورٽ اچڻ کان اڳ ميڊيا تي بيان ڇو ڏنا؟ ڊائريڪٽر فوڊ اٿارٽي عدالت کي ٻڌايو ته مون ميڊيا کي رڳو اِهو ٻڌايو ته هتي ڇا ٿيو ۽ ڪيئن ٿيو. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل ۽ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي چيئرمين جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته چيئرمين صاحب کي ميڊيا تي اچڻ جو شوق آهي، جيئن واقعو ٿيو هن غير ذميواري جو مظاهرو ڪري ريسٽورنٽ جي خلاف بيان ڏنو. سنڌ فوڊ اٿارٽي اسان جي خلاف ميڊيا ڪمپين شروع ڪري رکي آهي ۽ ماڻهن کي حقيقت جي ابتڙ گمراهه ڪري رهي آهي. ابرار شيخ چيو ته مون کي ميڊيا تي اچڻ جو ڪو به شوق ناهي، ميڊيا وارا مون کان پهرين اُتي پهچي چڪا هئا. هن عدالت کي ٻڌايو ته ريسٽورنٽ ۾ 2015ع جو گوشت پيل هو، واقعي بعد اسان ريسٽورنٽ کي سيل ڪيو. درخواستگذار چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي اسان جي ريسٽورنٽ کي سيل ناهي ڪيو اسان رضاڪاراڻي طور تي پاڻ بند ڪيو آهي ۽ ايڪسپائر گوشت رڳو سيمپل طور رکيو ويو هو. درخواستگذار اپيل ڪئي ته فوڊ اٿارٽي کي اسان جي خلاف مهم کان روڪيو وڃي. عدالت معاملي جي رپورٽ منظر تي آڻڻ تائين فوڊ اٿارٽي جي چيئرمين کي ميڊيا تي بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو. ابرار شيخ عدالت کي ٻڌايو ته 25 نومبر تائين رپورٽ اچي ويندي، ان کان پوءِ اسان فوڊ اٿارٽي ايڪٽ جي تحت ڪارروائي ڪنداسين. عدالت رپورٽ جي نقل درخواستگذار کي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 28 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے