10 پیر , دسمبر 2018

آمريڪا اسامه بن لادن تائين پاڪستان جي سهڪار سان پهتو: تهمينه جنجوعا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعا چيو آهي ته آمريڪا اسامه بن لادن تائين پاڪستاني انٽيليجنس جي سهڪار سان پهتو ۽ القاعده جي وڏي ليڊرن کي مارڻ به پاڪستان جو سهڪار رهيو. تفصيل موجب ٽرمپ جي بيان تي آمريڪي ناظم الامور کي پرڏيهي کاتي طلب ڪري پاڪستان طرفان احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ويو آهي. پرڏيهي سيڪريٽري چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا امن جي لاءِ افغانستان ۾ گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اهڙي موقعي تي بي بنياد الزام ان سهڪار کي متاثر ڪري سگهن ٿا. تهمينه جنجوعا چيو آهي ته پاڪستان جي هوائي ۽ سامونڊي سهڪار کان سواءِ افغانستان ۾ ڪاميابي ممڪن نه هئي، آمريڪي قيادت قبول ڪري چڪي ته خطي مان دهشتگردي ۽ القاعده جو خاتمو پاڪستان جي سهڪار سان ٿيو آهي. پرڏيهي سيڪريٽري ان ڳالهه جو عزم ڪيو ته پاڪستان کان وڌيڪ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪنهن ملڪ قربانيون ناهن ڏنيون، بي بنياد آمريڪي الزام افغانستان ۾ امن جي لاءِ جاري پاڪستاني سهڪار کي متاثر ڪري سگهن ٿا. آمريڪي صدر جي تازي بيان ۽ ٽوئيٽ تي خدشن جو اظهار ڪندي پرڏيهي سيڪريتري چيو ته پاڪستان بابت اهڙا بي بنياد الزام قبول ناهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جڏهن لڳو ٽيم منهنجي ڪري هارائي ٿي ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته جڏهن مون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے