13 جمعرات , دسمبر 2018

سڄي ملڪ ۾ قائم غير قانوني هائيڊرنٽس مسمار ڪيا ويندا: فيصل واوڊا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آبي وسيلن بابت وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ قائم غير قانوني هائيڊرنٽس ڪيرائينداسين، واپڊا کي ڪارپوريٽ ارادو بڻائي رهيا آهيون، اميد آهي ته پاڻي جي بحران تي جلد ضابطو آڻينداسين. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته سڀني صوبن جي اختيارين سان ملي پاڻي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيا، وفاقي حڪومت صوبن ۾ اتفاق پيدا ڪرڻ جي خواهشمند آهي، پاڻي چوري روڪڻ لاءِ هنگامي قدم کڻندي سڄي ملڪ ۾ قائم غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي مسمار ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته اربين رپين جا پراجيڪٽ بچائي رهيا آهيون، هڪ وزير نه پر هڪ گهر جيان ڪم ڪري رهيو آهيان، پاڪستان جي بقا ۾ واپڊا جو وڏو حصو آهي، ان کي ڪارپوريٽ ادارو بڻائينداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے