14 جمعہ , دسمبر 2018

ڪابل ۾ مذهبي اجتماع دوران آپگهاتي ڌماڪي ۾ مارجي ويل جو انگ وڌي 50 ٿي ويو

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ مذهبي اجتماعن ۾ آپگهاتي ڌماڪن جي نتيجي ۾ 50 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 80 زخمي ٿي پيا. افغان گهرو وزارت جي ترجمان موجب ڌماڪي ۾ علما ڪونسل جي اجلاس کي نشانو بڻايو ويو، آپگهاتي بمبار عالمن جي ڪانفرنس دوران آپگهاتي ڌماڪو ڪيو. اکين ڏٺي شاهدن موجب تقريب ۾ 1 هزار ماڻهو موجود هئا. ان کي هلندڙ مهيني ۾ ڪابل ۾ ٿيل بدترين حملو قرار ڏنو پيو وڃي ۽ هن وقت تائين ڪنهن گروپ ان حملي جي ذميواري ناهي قبولي. ڪابل پوليس جي ترجمان باسر مجاهد ٻڌايو ته 12 ربيع الاول جي مناسبت سان ايئرپورٽ روڊ تي موجود مقامي شادي هال ۾ محفل رٿي وئي جنهن ۾  ڪيترا ئي عالم ۽ عام ماڻهن موجود هئا. هال جي مينيجر جو چوڻ آهي ته آپگهاتي بمبار اجتماع جي وچ ۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. وزير اعظم عمران خان ڪابل ۾ مذهبي تقريب ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ انساني جانين جي ضيان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو سڀ وڏو متاثر ٿيڻ جي ناطي افغان ڀائرن جي ڏک ئي محسوس ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته فاغان ڀائر خيط ۾ آندل جنگ جي قيمت هن وقت تائين ادا ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلاول ڀٽو زرداري جو شهباز شريف کي پي اي سي جو چيئرمين بڻائڻ جي آجيان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے