15 ہفتہ , دسمبر 2018

رپورٽ : نيب اڳوڻي ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي جو ڪيس ايف آءِ اي حوالي ڪيو

وفاقي احتساب بيورو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين نجم سيٺي جي خلاف 6 مختلف ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن موڪلي ڇڏيا.

 نيب طرفان جاري پڌرائي موجب وفاقي احتساب بيورو نجم سيٺي جي خلاف غير قانوين اڏاوتن جو ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن موڪليو آهي جڏهن ته شين انشورنس جي سي اي او، چيف ايگزيڪٽو ۽ فنانشل آفيسر جو ڪيس به ايف آءِ اي جي حوالي ڪيو ويو.

ميپڪو چيچه وطني جي لائن مين محمد ارشد جي معاملي جي جاچ به ايف آءِ ڪندي جڏهن ته نيشنل بينڪ سرگوڌا جي ايگري ڪلچر آفيسر فاروق الحسن ۽ ٻين جو ڪيس به ايف آءِ اي جي حوالي ڪيو ويو آهي.

ليسڪو سب ڊويزن ڪريم پارڪ جي ايس ڊي ايو محسن اسلام، ايس ڊي او ذيشان ارشد ۽ ميٽر ريڊر مشتاق احمد جو ڪيس به ايف آءِ اي جي حوالي ڪيو ويو آهي، اهڙي ريت يوفون ڪمپني جي عبدالعزيز، محمد علي، سيد ابرار حسين جو ڪيس به ايف آءِ اي کي ڏنو ويو آهي.

اجلاس ۾ نيشنل هائوسنگ اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جيز جايد احمد، ذڪي الله، اڳوڻي هائوسنگ سيڪريٽري ۽ ٻين جي خلاف وڌيڪ ڪارروائي چيف سيڪريٽري ڪي پي ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي.،

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:بدين: عوامي آواز جي خبر تي جج جو نوٽيس، سي ايم او کان رپورٽ طلب

ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين جاويد احمد بلوچ  عوامي آواز  جي خبر تي شهر ۾ گندگيءَ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے