15 ہفتہ , دسمبر 2018

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ جي ماڻھن کي وڌ کان وڌ ريلف مليو آھي، پ پ عوامي پارٽي آهي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي.

ڊپٽي ڪمنشر آفيس جي دربار ھال ۾  تيل ۽ گيس جي آفيسرن ۽ ضلعي جي آفيسرن سان گڏجاڻي ڪئي

گڏجاڻي کي خطاب ڪندي سڪندر راهيپوٽي معدنياتي ڪمپنين جي عملداران کي چيو ته ڪمپنين ۾ روزگار ڏيڻ جو پهريون حق مقامي ماڻهن جو آهي، انهن کي روزگار ڏئي علائقن ۾ ترقياتي ڪم جلد ڪرايا وڃن

هن چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري سختي سان هدايت ڪئي آهي ته پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ گهر گهر وڃي اتي جي رهواسين جي مسئلا حل ڪريو

ھن وڌيڪ چيو ته ضلعي ڄامشورو ۾ نڪرندڙ گيس ۽ تيل  ڪمپنين جي ويلفيئر فنڊ مان ملندڙ علائقن ۾  اسڪيمون جلد مڪمل ڪيو وڃن ۽  اڌ ۾ رھيل اسڪيمن کي به  جلد مڪمل ڪيو وڃي

سڪندر راهيپوٽو ,سي ايم او مانجهند جاويد جتوئي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته مون مانجهند شهر جو دورو ڪيو ته سڄي شهر ۾ هر طرف گندگي جا ڍير نظر آيا

هن عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته ترت شهرن ۾ صفائي ڪرائي عوام کي صاف سٿرو ماحول فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:بدين: عوامي آواز جي خبر تي جج جو نوٽيس، سي ايم او کان رپورٽ طلب

ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين جاويد احمد بلوچ  عوامي آواز  جي خبر تي شهر ۾ گندگيءَ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے