11 منگل , دسمبر 2018

عيد ميلاد النبي صه: سنڌ حڪومت طرفان موبائيل فون سروس بند رکڻ جي سفارش

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت 12 ربيع الاول تي ڪراچي ۾ موبائيل فون سروس جي معطلي جي سفارش ڪري ڇڏي. سنڌ حڪومت طرفان گهرو وزارت کي لکيل خط ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين 15 ضلعن ۾ موبائيل فون سروس بند رکڻ جي سفارش ڪئي وئي. سمري ۾ حيدرآباد ۽ سکر ۾ به موبائيل فون سروس بند ڪرڻ جي سفارش شامل آهي. منظوري جي صورت ۾ سنڌ جي 15 ضلعن صبح 6 کان رات 11 وڳي تائين موبائيل فون سرور بند رکي ويندي. ڪراچي سميت حيدرآباد، سکر، نواب شاهه سميت ٻين جاين تي موبائيل فون سروس بند رهندي. ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي ۾ صدر، ڪورنگي ملير ۽ نيو ڪراچي ۾ موبائيل سروس بند رهندي جڏهن ته ٻين علائقن ۾ موبائيل سرور معمول جي موجب بحال رهندي. خط ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي انهن شهرن ۾ موبائيل فون سروس صبح 6 وڳي کان رات 11 وڳي تائين بند رکي وڃي. ٻئي پاسي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جو چوڻ آهي ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ موبائيل سروس معطل رکڻ جو فيصلو صوبائي ۽ وفاقي گهرو وزارت طرفان ڪيو ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي جو برطانوي هم منصب سان رابطو، مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزيرن مني لانڊرنگ ۽ اثاثن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے