11 منگل , دسمبر 2018

رپورٽ : ڪراچي: بار ايسوسيئيشن جي اليڪشن مهم زور سان ٿي وئي

ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي اليڪشن مهم زور شور سان جاري آهي . ڪراچي بار ايسوسيئيشن  جي جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي  جي نوجوان اميدوار  اسفاق  احمد شاهه بخاري جو پلڙو  ڀاري نظر اچي رهيو آهي .

وڪيلن جي تحريڪ جي  ساٿين جي مسئلن  جي حل لاءِ هر وقت ڪوشش ڪندڙ  اشفاق احمد  بخاري جي اليڪشن  ۾ ڪاميابي  لاءِ ان جي وڪيل  ساٿين تحريڪ تيز  ڪري ڇڏي آهي .

  ان موقعي تي جوائنٽ سيڪريٽري جي اميدوار  اشفاق احمد  شاهه بخاري  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن مقصد بار ۽ بينچ  ۾ فرق  کي ختم  ڪرڻ آهي  ۽ انهن ٻنهي جو رشتو  برابري جي بنياد تي هو . سندس  چوڻ هو ته  هن ملڪ کي به هڪ وڪيل ٺاهيو هو،  هو چاهين ٿا  ته هو آزاد عدليه  چاهين ٿا . هن چيو ته ملڪ ۾ جيترا به غير جمهوري  قدم آهن، ان جي مخالفت  ڪن ۽ ڏڦيڙ جو خاتمو  ڪن .

اشفاق احمد بخاري چيو ته هو چاهين ٿا ته عوام کي سستو انصاف ملي ۽ ماڻهن جو عليه تي  اعتماد وڌيڪ بحال ٿئي .

ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي جوائنٽ سيڪريٽري جي عهديدار اشفاق شاهه چيو ته  الڪيشن مهم  دوران  هن جا وڪيل ساٿي ڀرپور ساٿ ڏئي رهيا آهن  ۽ انساءَ الله اليڪشن  ۾ ڪامياب ٿي عدليه ۽ هو  ملڪي سلامتي لاءِ جدوجهد ڪندا

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺ ٻٽڙا جي ڊسپينسري جي نئين عمارت کنڊرات ۾ تبديل

چيلھار ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ صحت جون سھولتون اڻلڀ ٿي ويون، نئين ٺاھيل ڊسپينسري واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے