22 جمعہ , فروری 2019

ايران جي صوبي ڪرمان شاهه ۾ زلزلي جا لوڏا، 513 ڄڻا زخمي

Magnitude 6.3 earthquake strikes western Iran: USGSتھران ( ويب ڊيسڪ ) ايران جي صوبي ڪرمان  شاهه  ۾ 6 ڏهائي 4 جي شدت سان آيل زلزلي ۾ 513 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايران جي اولهندي صوبي ڪرمان شاهه ۾ آچر ۽ سومر جي وچ واري رات شديد زلزلو آيو. آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 6.3 ۽ زير زمين ان جي گهرائي 10 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.. ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب سرپل ذهب، قصر شيرين ۽ گيلان غرب وارا ضلعا سخت متاثر ٿيا آهن. جتي 513 ماڻهو زخمي ٿيا آهن جڏهن ته ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا. صوبائي حڪومت فوري طور متاثرن جي امداد لاءِ  قدم کڻندي، ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪرمان شاهه جي سمورن علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته گذريل سال پڻ ڪرمان شاهه جي علائقي سرپل ذهب 7 ڏهائي 3 جي شدت سان آيل زلزلي جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 600 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ بدران ڳالهين جي صلاح ڏيندڙ لاءِ غدار جو لقب

سرينگر (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا والاريل ڪشمير جي اڳوڻي حڪمران محبوبا مفتي کي پاڪستان جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے