22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ| چمبڙ: تنظيم فخر وفا غازي عباس پاران جشن عيدميلادنبي جي حوالي سان ريلي

چمبڙ ۾  انجمن حيدري مان  تنظيم فخر وفا غازي عباس جي  طرفان مرڪزي امام بارگاھ انجمن حيدري مان جشن عيدميلادنبي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي .

ريلي ۾ چمبڙ توڙي ڀر پاسي جي شهرين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري رحمت العالمين سان محبت جو اظهار ڪيو ويو

ريلي سيد عبدالغفور شاهه ، غلام رضا شاهه ڪاظمي ۽ ٻين جي اڳواڻي  امام بارگاھ انجمن حيدري کان شروع ٿي  شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي ٻيهر مرڪزي امام بارگاھ انجمن حيدري تي  پهتي .

ان موقعي تي عالمن سڳورن خطاب ڪندي چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم سڄي دنيا جي لاءِ   رحمت بڻجي آيا .

عالمن  ٻڌايو ته نبي آخرالزمان جو پيغام سموري انسان ذات لاءِ آهي سندن پيغام امن پيار ۽ انسان ذات جي خوشحالي آهي

ان موقعي تي چمبڙ انتظاميا طرفان سيڪيورٽي جا انتظام تمام سخت ڪندي وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو

رپورٽ- خالد حسين صديقي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: چمبڙ ۾ فلٽر پلانٽ هوندي به رهواسي ڇو ٿا پيئن کارو پاڻي ؟ رهواسين پنهنجي زبان ٻڌائي ڇڏيو

چمبڙ لڳ ڳوٺ بهادر جلباڻي جو فلٽر پلانٽ ناڪاره بڻيل، 5 سال پهرين لڳل هي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے