سن ڀرسان انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن
ٿيٻاٺ ٿاڻي جي حد ۾ شاهه حيدر ڪريش پلانٽ وٽ ڄامشوري کان جوهي طرف ويندڙ ڪار ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي وئي.
حادثي جي نتيجي ۾ ابوبڪر گاڏهي ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ جڏهن ته ٽي ڄڻا ڄڻا زخمي ٿي پيا.
حادثي جي زخمين ۾ ٻن ڄڻن منور علي ۽ فدا حسين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي