19 جمعہ , اپریل 2019

پاڪستان ۽ ايران جو افغانستان ۾ امن جي ڪوششن جي حمايت جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ايران افغان قيادت جي سربراهي ۾ افغانستان ۾ امن جي لاءِ ڪيل ڪوششن جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪ ايران ٻطرفي سياسي ڳالهين جي 10هين ڏينهن جي موقعي تي ٻنهي ملڪن طرفان ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ پاڪستاني وفد جي سربراهي پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعا ۽ ايراني وفد ڊپٽي پرڏيهي وزير سيد عباس جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. اجلاس جي حوالي سان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو ته ان ڳالهه جي حامي ڀري وئي ته افغانستان ۾ امن جي لاءِ افغان قيادت جي سربراهي ۾ ڪيل ڪوششون ئي پاڪستان ۽ ايران کي پيش سنگين سياسي ۽ اقتصادي کي منهن ڏيڻ جو بهترين طريقو آهي. ٻئي پاڙيسري ملڪ افغانستان جي معاملي ۾ پنهنجي بنيادي مفادن جي تحفظ لاءِ هم آهنگ نظريو رکڻ تي اتفاق ڪيو. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان ۽ ايران، افغانتان جا وڏا جغرافيائي پاڙيسري ملڪ آهن جن جو افغانستان ۾ امن ۽ مضبوطي جي مڪمل بحالي لاءِ هڪ جهڙو نظريو ۽ مستقبل جا ارادا آهن. ٻنهي ملڪن افغانستان ۾ غير مستحڪم صورتحال جي ڪري نئين دهشتگرد تنظيمن مثلن داعش جي ڪنڌ کڻڻ تي ڳڻتي جو اظهار به ڪيو.  سان گڏوگڏ ڌرين افغان تڪرار جي ڪري پاڪستان ۽ ايران کي پيش سنگين چيلنجن، مثال جي طور تي منشيات جي واپار، غير قانوني لڏ پلاڻ ۽ مهاجرن جي مسئلي تي ڳالهيون ڪيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ثانيا مرزا  ڪجهه ڪرڻ جي تيارين ۾ ….

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ثانيا مرزا ڀارت ۾ عورت رانديگرياڻين کي وڌيڪ بااختيار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے