21 اتوار , اپریل 2019

مسلم ملڪ اتحاد ذريعي ئي چئلينجن کي منهن ڏئي سگهن ٿا: اسد قيصر

تهران (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته مسلم ملڪ اتحاد ذريعي ئي چئلينجن کي منهن ڏئي سگهن ٿا، ايران سان لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري چاهيون ٿا. اسد قيصر تهران ۾ ايراني هم منصب ڊاڪٽر علي لاريجاني سان ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اسان ايران سان اڳ کان موجود دوستاڻن ۽ ڀائري وارن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، ڊگهن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ميمبرن ۾ رابطن ۾ تيزي آڻڻ ۽ پارلياماني لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي، ٻئي قومون مذهب، تاريخ ۽ ثقافت جي اڻ ٽٽ رشتن سان ٻڌل آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا دوست، دشمن ۽ مقصد به ساڳيا آهن، پاڪ – ايران لاڳاپا خطي ۾ امن، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ ضروري آهن. ايراني اسيمبلي جي اسپيڪر علي لاريجاني چيو ته پاڪستان کي پنهنجو ڀائر ملڪ سمجهون ٿا ۽ لاڳاپا مضبوط رکڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ سهڪار جا خواهشمند آهيون، ٻئي ملڪ هر ڏکئي وقت هڪٻئي سان گڏ بيٺل نظر آيا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فردوس عاشق اعواڻ جي اپوزيشن کي درخواست…

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے