ايڊليڊ ( اسپورٽس نيوز ) ڀارت آسٽريليا کي سخت مقابلي کانپوءِ ايڊليڊ ٽيسٽ ۾ 31 رنسن تان شڪست ڏيندي 4 ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 0-1 جي سرسري حاصل ڪري ورتي. ڀارت آسٽريليا کي ميچ کٽڻ لاءِ 323 رنسن جو هدف ڏنو جنهن جي جواب ۾ ڪينگروز ٽيم راند جي پنجين ۽ آخري ڏينهن 291 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. شان مارش، 60، مچل اسٽارڪ، پيٽ ڪيومنس ترتيبوار 28، 28 ۽ مارڪس هيرس 26 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته نيٿن ليون 38 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڀارت طرفان محمد شامي، روي چندرن ايشون ۽ جسپريت بمرا 3، 3 جڏهن ته ايشانت شرما هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. پهرين اننگز شاندار سينچري ۽ ٻي اننگز ۾ ففٽي اسڪور ڪرڻ تي پجارا کي ميچ جون بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ياد رهي ته پهرين اننگز ۾ 250 ۽ ٻي اننگز ۾ 307 رنسن ٺاهيون جڏهن ته آسٽريلوي ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 235 ٺاهي سگهي هئي.
Tags 10-year win AwamiAwaz clinch drought in Australia first Test India nail-biter sindhinews to end
هي به ڏسي سگهو ٿا
پي ايس ايل ۾ ميچ دوران ميچ مالڪن کي ڊريسنگ روم ۽ ڊگ آئوٽس ۾ رهڻ جي اجازت….
دبئي (اسپورٽس نيوز) پي سي بي نيون روايتون قائم ڪندي پي ايس ايل ۾ ميچ …