23 بدھ , جنوری 2019

رپورٽ| ميهڙ: سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم قبول ناهي: جلال محمود شاهه

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته سنڌ جو عوام سنڌو درياهه تي ڪنهن به ڊيم جي اڏاوت کي قبول نه ڪندو

ميهڙ ۾ ضلعي اڳواڻ سڪندر سوڍر جي رهائش گاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي جلال محمود شاهه چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جو جياپو آهي.

هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو ڪالاباغ سوڌو ڪنهن به ڊيم جي حمايت ڪندا، ڊيم ٺاهڻ جي آڙهه ۾ سنڌ جي زرخيز زمينن کي سڪائڻ جي سازش خلاف ڀرپور مزاحمت ڪندا

هن چيو ته حڪمران اهڙا بيان نه ڏين جنهن سان فيڊريشن کي نقصان پهچي.

سنڌ جو ماڻهو پنهنجي درياهه ۽ تهذيب سان محبت ٿو ڪري هو اهڙو ڪو به قدم برداشت نه ڪندو جنهن سان ڪروڙين ماڻهن جي جياپي کي نقصان پهچي ٿو

رپورٽ: جميل مهيسر

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: گاجي کهاوڙ: امير سنڌ جي تباهه ٿيل اسڪولن جا ذميوار ڪير؟

گاجي کهاوڙ لڳ پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا ٽي شاگرد زخمي. شاگردن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے