19 ہفتہ , جنوری 2019

سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ تائين ايوان نه هلندو: ن ليگ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي پارليماني پارٽي خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ تائين ايوان جي ڪارروائي نه هلڻ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل پارليماني پارٽي جو اجلاس رٿيو ويو جنهن ۾ پارليامينٽ جي اجلاس ۽ سياسي صورتحال غور ڪيو ويو. پاڪستان مسلم ليگ ن جي پارليماني پارٽي سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي تحت بدترين انتقامي ڪارروائيون قانون ۽ انصاف جي شفافيت جون منتيون منجهائي رهيون آهن، انتقام کان اسان کي ڊيڄاري نٿو سگهجي، پوري قوت، صبر ۽ سچائي سان مقابلو ڪنداسين. اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته خواجا سعد رفيق ۽  خواجا سلمان رفيق جي گرفتاري، حمزه شهباز کي بنا سبب پرڏيهه سفر کان روڪڻ ۽ مريم اورنگزيب جي خلاف انڪوائري ان عمل جي مذمت جوڳي ۽ افسوس جوڳي مثال آهي. پارليماني پارٽي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيا ته ايوان جي ڪارروائي نه هلڻ ڏينداسين. اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت معيشت سميت هر محاذ تي خراب طريقي سان ناڪام ٿي چڪي آهي هن وقت تائين ڪابه پاليسي ناهن ڏئي سگهيا، بنا رخ واري حڪومت جي نالائقي جو سفر ائين ئي جاري رهيو ته ملڪي معيشت الله نه ڪري ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي سگهي ٿي. اجلاس جي پڌرائي موجب حڪومت روزگار جي جاءِ تي ماڻهن کي بيروزگار ڪري رهي آهي، 50 لک گهر بڻائڻ بدران ماڻهن جا ٺاهيل گهر مٽي جو ڍير بڻايا پيا ويا وڃن، هر واعدي ۾ ڪوڙي ثابت ٿيندڙ حڪومت انتقام جي پٺيان لڪي رهي آهي. اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جي خلاف مذمتي ٺهراءُ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ سي اين جي ۽ فيڪٽرين جي بندش جي مذڪنت چيو ته نواز شريف جي قيادت ۾ حڪومت قوم کي اونداهين ۽ سي اين جي جي قطارن مان ڇوٽڪارو ڏياريو، ساڳيو عمل ورجايو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے