16 ہفتہ , فروری 2019

وزير اعظم جو ڪڪڙين ۽ بيضن ذريعي غربت جي خاتمي جو منصوبو عالمي ڌيان جو مرڪز

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو ديسي ڪڪڙين ۽ بيضن ذريعي غربت ختم ڪرڻ جو منصوبو عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو، ان حوالي سان آمريڪي اخبار ” واشنگٽن پوسٽ“ لکيو آهي ته آمريڪا چڪن کي هر پوٽ (ٿانَوَ) ۾ آندو هو ۽ هاڻ پاڪستان چڪن کي هر پلاٽ ۾ آڻڻ چاهي ٿو. آمريڪي اخبار لکيو ته وزير اعظم عمران خان غربت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ چار ڪڪڙين ۽ هڪ ڪڪڙ جو فارمولو پيش ڪيو ته سياسي ميدان ۽ سوشل ميڊيا تي طنز ۽ مزاح جو هڪ طوفان برپا ٿي ويو پر ڪجهه ماهرن ۽ عوامي سطح تي ڪڪڙين ۽ انڊي واري فارمولي جي پذيرائي به ڪئي پئي وڃي. رپورٽ موجب پولٽري ريسرچ سينٽر جي ڊائريڪٽر عبدالرحمان کي پورو يقين آهي ته ان منصوبي سان پاڪستان جي لکين ماڻهن جي صحت ۽ روزي ۾ سٺو فرق پوندو ۽ ديسي بيضن ۽ ڪڪڙين جي استعمال سبب عورتن جي صحت بهتر ٿيڻ سان ٻارن جي فوتگين ۾ گهٽتائي ٿيندي. ٻئي پاسي ڪڪڙين ۽ بيضن کي وڪرو ڪرڻ سان هڪ گهر جي ماهوار آمدني ۾ به هزارين رپين جي واڌ ٿيندي. اخبار وڌيڪ لکيو آهي ته ناڪاري اڳڪٿين سان گڏوگڏ غريب ۽ گهٽ آمدني وارن گهراڻن ۾ حڪومت جي ان منصوبي جو خوشي سان ڀليڪار ڪيو ويو ۽ مقامي ماڻهن فارمي بيضن ۽ ڪڪڙين جي مقابلي ۾ ديسي ڪڪڙين ۽ بيضن جي نه رڳو حمايت ڪري رهيا آهن پر ماڻهن ان مان فائدو حاصل ڪرڻ به شروع ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهزادي محمد بن سلمان جي پاڪستان دوري جون تاريخون تبديل….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان جي دوري جون تاريخون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے