21 جمعرات , فروری 2019

ڪرڪيٽ سيريز تڪرار: آءِ سي سي وري ڀارت جي ونگار وهي وئي

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪ – ڀارت ڪرڪيٽ سيريز ڏنڊ ڪيس ۾ آءِ سي سي قانوني خرچن جي ادائيگي تي به ڀارت جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڪيس تي ٿيندڙ خرچن جو 60 سيڪڙو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ خرچن جي مد ۾ پي سي بي کان 15 ڪروڙ رپيا ادا ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو. ان فيصلي تي پي سي بي جو موقف به سامهون آيو آهي، جنهن ۾ ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي جي فيصلي تي چيو آهي ته اهو اسان جي ان موقف کي تسليم ڪرڻ آهي ته ڪيس ميرٽ تي هو پر ان تڪرار جي حل لاءِ ٺاهيل آءِ سي سي جي ڊسپيوٽ ڪميٽي جو فيصلو مايوس ڪندڙ هو. آءِ سي سي پنهنجي فيصلي ۾ ان ڪيس تي ٿيندڙ سمورا انتظامي خرچ به پي سي بي کي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

 روس ٽيلر نيوزي لينڊ جو هڪ ٻيو اهم ترين ريڪارڊ پنھنجي نالي ڪندو؟

ڊونيڊن (اسپورٽس نيوز) نيوزي لينڊ جو هڪ ٻيو اهم ترين ريڪارڊ ماسٽر بيٽسمين روس ٽيلر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے