21 جمعرات , فروری 2019

شهيد راڻي جو خواب ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن جا انيڪ مسئلا:مهوش عباسي

آزادي کان وٺي، پاڪستان لاڳيتو سياسي عدم استحڪام جو شڪار آهي ۽ ملڪ کي معاشي طور تي پرڏيهي معاملن، ماليات، تعليم، صحت جي سار سنڀال ۽ سماجي مسئلن سخت متاثر ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ملڪ جي ترقي لاءِ عورتن هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پر اڄ تائين عورتون بنيادي سهولتن کان محروم آهن. پاڪستان ۾ عام عورتن کي پنهنجا مڪمل ۽ جائز حق ته اڄ تائين نه ملي سگهيا آهن پر هن ملڪ جي بهتري، ترقي ۽ ڪاميابي جي لاءِ اهم ڪردار نڀائيندڙ عورتن کي به لڳاتار پريشانين ۽ اڻ برابري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. عورتون ملڪ جي ڪنهن به شعبي ۾ هجن پوءِ اهو سياست هجي، تجارت، صنعت، انجنيئرنگ، ميڊيڪل، تعليم يا وري صحافت عورت اڻ برابري جو شڪار رهي آهي، هر شعبي ۾ ڀلي ئي هوءَ مرد برادر ڪم ڪندي رهي پر سندس پگھار ۽ سهولتون مرد کان گھٽ ئي رکيون ويون آهن. جيڪڏهن هن ملڪ ۾ عورتن جي شعبن تي نظر ڦيرائجي ته عورت لاءِ سڀ کان گھٽ اهميت رکڻ وارو شعبو صحت وارو آهي جنهن ۾ ڊڪٽرياڻين کي ته معزز سمجھيو وڃي ٿو پر نرسن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن جي پيشي کي خاص اهميت نه ٿي ڏني وڃي نه وري ان شعبي سان سلهاڙيل عورتن کي هن سماج ۾ ٻين شعبن برابر عزت ڏني وڃي ٿي. جيتوڻيڪ ليڊي هيلٿ ورڪرن جو اهم ڪردار آهي. گھر گھر وڃي صحت جي ڄاڻ سميت، پوليو جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندڙ هي عورتون هڪ وڏي همٿ ۽ بهادري جو مثال آهن، پر اسان جو سماج انهن عورتن کي اڄ تائين اهميت نه ڏئي سگھيو آهي. سماج جي ڳالهه ته پري پر جيڪڏهن سنڌ تي نظر ڊوڙايون ته سنڌ حڪومت اڄ تائين ليڊي هيلٿ ورڪرن سان جيڪي نا انصافيون ڪيون آهن اهي وسرڻ جوڳيون نه آهن.

هي منصوبو عورتن کي عزت ۽ احترام سان روزگار مُهيا ڪرڻ لاءِ شروع ڪيو ويو هو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو 1994ع ۾ جڏهن ملڪ جي وزير اعظم هئي ته هن ڪيترائي بهترين منصوبا شروع ڪرايا هئا جن ۾ قومي صحت پروگارم پڻ شامل هو جنهن ۾ هڪ هزار آبادي تي هڪ هيلٿ ورڪر کي کنيو ويو. هن پروگرام جو مقصد هو ته عورتن کي پنهنجي گهر ۾ عزت وارو روزگار ملي ۽ ٻهراڙيءَجي عورتن کي گھر ويٺي صحت جون بنيادي سهولتون مُهيا ڪيون وڃن. شهيد بينظير ڀٽو ليڊي هيلٿ ورڪرن کي پنهنجي فوج سمجهندي هئي ۽ ان ڳالهه جو اظهار هن ڪيترائي دفعا عوامي جلسن ۾ خطاب ڪندي پڻ ڪيو هو، سندس اهو خواب پڻ هو ته انهن عورتن کي پڪو ڪيو وڃي. هونئن ته هي قدم تمام اهميت جوڳو هو، ان سبب ڪيترين ئي عورتن روزگار حاصل ڪري پنهنجي ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ سميت پنهنجي زندگي جي بنيادي سهولتن کي حاصل ڪرڻ لڳيون. پر ليڊي هيلٿ ورڪرن جو سونهري دور به بينظير ڀٽو کانپوءِ ختم ٿيڻ لڳو.شهيد محــترمه بينظير ڀٽو عورتن جي صحت تعليم ۽ روزگار جا بهتر کان بهتر منصوبا جوڙايا هئا پر ان جي شهادت کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جا جيڪي به دور آيا انهن ۾ لکين ليڊي هليٿ ورڪر عورتن کي گهر جو وڌيل ڀاتي سمجهي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو، هيلٿ ورڪر جيڪي ٻن ڏهاڪن کان گهر گهر وڃي عورتن کي صحت جون سهولتون مُهيا ڪرڻ سان  گڏ  انهن جي تربيت ڪرڻ، صلاح مشورا ڏيڻ، ننڍڙن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ پنهنجي هڪ هزار آبادي ۾ ماڻهن جي مرڻ ۽ ڄمڻ جو ريڪارڊ رکڻ به سندن ڊيوٽي ۾ شامل آهي، سيارو هجي يا اونهارو ليڊي هيلٿ ورڪر پنهنجا فرض ۽ سرگرميون ايمانداري سان سرانجام ڏينديون رهن ٿيون، پر انباوجود انهن پورهيت عورتن کي ڪا به عزت يا مڃتا نه ٿي ملي. محنت ڪش پورهيت عورتن جو هي طبقو هميشه ستمگري ۽ جبر هيٺ رهيو آهي ان ئي عورت جي حقن تي ڌاڙا لڳندا رهيا آهن جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومتن ۾ چونڊي آيل ايم پي اي، ايم اين اي هنن پورهيت محنت ڪش ۽ مظلوم عورتن جي مسئلن بابت ڪڏهن به اسمبيلن ۾ آواز ناهي اٿاريو البته اسمبلين ۾ ويٺل عورتون به ڪڏهن محنت ڪش ليڊي هيلٿ ورڪر عورتن جي حــقن ۽ مسئلن بابت  ڪڏهن به جاکوڙ نه ڪئي آهي. ان سميت پاڪستان پيپلز پارٽي هر ڀيري اقتدار ۾ اچڻ لاءِ عام ماڻهن جي روزگار جا واعدا ته ڪندي آهي پر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سندن ڪيترائي واعدا وفا نه ٿيندا آهن جن مان هڪ واعدو ليڊي هيلٿ ورڪرن کي سهولتون مُهيا ڪرڻ وارو پڻ آهي.

ليڊي هيلٿ ورڪرن سان جڏهن سندن مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه ٿي ته سندن چوڻ هو ته 21 هين صديءَ ۾ به اهي بيشمار مسئلن جو شڪار آهن، سڀ کان وڏو مسئلو سندن پيشي جو احترام نه ڪرڻ آهي، ليڊي هيلٿ ورڪر عورتن مطابق سماج انهن کي عزت ۽ احترام سان نه ٿو ڏسي، وقت تي پگھار نه ملڻ سبب هو گھر ۾ به سک سان نه ٿيون رهي سگھن، اڪثر عورتن کي وقت تي پگھار نه ملڻ سبب مرد گھر ۾ تشدد ڪن ٿا ۽ پوءِ نوڪري ڪرڻ کان به منع ڪن ٿا. ڪجهه عورتن مطابق ان پيشي ۾ ڪم ڪرڻ سبب سندن شاديون به نه ٿيون ٿين. گھريلو مسئلن جو ته اڳ ۾ ئي شڪار آهن پر جڏهن پنهنجي نوڪريءَ جا فرض سر انجام ڏيڻ وڃن ٿيون ته ان وقت به کين انيڪ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئي ٿو، گھر گھر وڃي پوليو مهم لاءِ ڪم ڪرڻ دوران انهن سان ڪيترن ئي گھرن جا ڀاتي غلط لهجي ۾ پڻ ڳالهائن ٿا، جڏهن ته گھٽ وڌ ڳالهيون ٻڌڻ سبب هو ذهني پريشاني جو شڪار ٿيڻ لڳن ٿيون، سندن موجب هو سڀ صحت جي معاملن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ نيڪ ڪم ڪري رهيون آهن پر اسان جو سماج ان نيڪ ڪم کي اهميت نه ٿو ڏئي، سفر کان وٺي اسپتال پهچڻ تائين هو هيسايون وڃن ٿيون جنهن سبب ڪيتريون ئي ليڊي هيلٿ ورڪر عورتون پنهنجي نوڪري مان هٿ ڪڍي گھر ويهڻ تي مجبور پڻ ٿيون آهن. حيدرآباد ۾ موجود ليڊي هيلٿ ورڪر جي انچارج مطابق عورتن کي ڪي خاص سهولتون مُهيا نه آهن صحت جي شعبي ۾ نوڪري ڪندڙ اهي عورتون پنهنجي هر پريشاني کي پاڻ منهن ڏين ٿيون، قانون توڙي اعلى ادارا کين تحفظ ۽ حق ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آهن، جتي ڊاڪٽرن کي ايتريون سهولتون، حق ۽ عزت ڏني وڃي ٿي اتي ئي ليڊي هيلٿ ورڪر عورتن کي بنيادي سهولتون به مُهيا نه آهن. ليڊي هيلٿ ورڪر عورتون جيڪڏهن هراسان ٿين ٿيون ته ان سلسلي ۾ ۾ به ڪا ڪميٽي نه ٿي جوڙي وڃي نه وري انهن کي تحفظ مُهيا ڪرڻ لاءِ ڪي خاص اپاءَ آهن. ان باوجود ليڊي هيلٿ ورڪر عورتون پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ ڪم ڪن ٿيون.

ياد رهي ته ملڪ ۾ هن وقت 1 لک 25 هزار کان وڌيڪ ليڊي هيلٿ ورڪر موجود آهن جڏهن ته سنڌ ۾ 25 هزار کان وڌيڪ آهن. انهن عورتن مان اڪثر عورتون شادي شده آهن جن جي مهينو جو خرچو 30 هزار کان مٿي آهي پر هو هر مهيني 16 کان 17 هزار ڪمائن ٿيون. سنڌ ۾ موجود 60 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتون ان لاءِ به ان شعبي سان سلهاڙيل آهن ڇو ته سندن گھر ۾ ڪمائڻ وارو ٻيو ڪير به نه آهي. ليڊي هيلٿ ورڪر جي مسئلن مان اهم مسئلو اهو به آهي ته سرڪاري نوڪريون ڪندڙ عورتن کي ٻار جي پيدائش وقت 3 مهينا موڪل ڏني ويندي آهي پر ليڊي هيلٿ ورڪر کي صرف 20 ڏينهن موڪل ڏني وڃي ٿي. 80 فيصد کان وڌيڪ ليڊي هيلٿ ورڪر پنهنجي پگھار مڙس، پيءُ يا ڀاءَ جي حوالي ڪن ٿيون ۽ ان بعد هو انهن کان ڪو حساب ڪتاب به نه ٿيون وٺن جڏهن ته سموري پگھار گھر ڏيڻ باوجود هو پاڻ کي گھر جو طاقتور يا اهم ڀاتي محسوس نه ٿيون ڪن.

ان سموري صورتحال ۽ انگ اکرن کي ڏسي ان ڳالهه کان منهن نه ٿو ڦيرائي سگھجي ته ليڊي هيلٿ ورڪر عورتن جي زندگي اڄ به بهتر نه آهي، ملازمت دوران وقت تي پگھار نه ملڻ، پڪو نه ٿيڻ، ڪنهن به وقت ملازمت ختم ٿيڻ جو ڊڄ، فيلڊ ۾ ڪم ڪرڻ دوران هراسان ٿيڻ سميت انيڪ مسئلن جو شڪار هي عورتون ذهني طور پريشان رهن ٿيون. حقيقت ۾ هي عورتون اسان جي سماج جو هڪ اهم حصو آهن ۽ سماج جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، صحت جي معاملي تي ڪم ڪرڻ ڪنهن به سماج جي ترقي ۽ ڪاميابي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ان لاءِ حڪومت سنڌ کي گھرجي ته انهن عورتن کي وڌ ان وڌ تحفظ مُهيا ڪن، انهن کي پڪو ڪرڻ ، وقت تي پگھار ملڻ ۽ عزت و احترام وارو پيشو سمجھڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو پڻ خواب هو، هن وقت سنڌ حڪومت کي گھرجي ته شهيد بينظير ءٽو جي ان خواب جي سانڀيا ڪن ڇو ته صحت جو معاملو ۽ انهن عورتن کا جائز حق ڏيڻ وقت جي ضرورت پڻ بڻجي چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نامياري ڪلاسيڪل راڳي استاد حنيف لاشاري سان ڳالهه ٻولهه :انٽرويو: جميل چانڊيو

حنيف لاشاري جو تعلق سنڌ جي انتهائي غريب ۽ هاري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے