20 ہفتہ , اپریل 2019

رپورٽ| هالاڻي: قومي شاهراهه تي ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ فوت، 2 زخمي

هالاڻي ويجهو قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.

حادثي جي ڄاڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش اسپتال پهچايو.

پوليس موجب تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار سيد سرور شاھ فوت ٿي ويو، جڏهن ته حاڪم لاشاري ۽ الاهي بخش زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي بعد ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڪار ٿاڻي آڏو بيهاري ڇڏي آهي..

 

رپورٽ: اعجاز خاصخيلي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪورنگي: منشيات جو وڪرو ۽ واهپو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪبي: ايس ايڇ او

ڪورنگي ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران چڪرا ڳوٺ ۾ هلندڙ منشيات جا اڏا ختم ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے