18 جمعہ , جنوری 2019

رپورٽ| لياقت جتوئي پٽ جي قتل ۾ ملوث آهي: دادو واسي جو الزام

دادو ۾  ڳوٺ هيتم جتوئي جي رهواسي حاجي اڪبر جتوئي  دانهيو آهي ته اڳوڻي وفاقي وزير لياقت علي جتوئي 2006 ۾ قتل ڪيل پوليس اهلڪار گل محمد جتوئي جي ڪيس ۾ سندس خاندان جو ساٿ ڏيڻ تي ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجن ماڻهن کان سندس مٿان حملو ڪرائي 4 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرايو آهي .

دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حاجي اڪبر جتوئي الزام لڳايو آهي ته لياقت جتوئي هن کي پوليس کان گرفتار ڪرائي لاڪپ ڪرايو ۽هن خلاف 2013 ۾ وڪيل قاضي خليل معرفت ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي.

هن ٻڌايو ته ڪيس جي عدالتي جاچ ۾ سندس نالي سان زمين وڪڻڻ جو ڪوڙو ايگريمينٽ ثابت ٿيو ۽ مختيارڪار نعيم وسطڙو لکي ڏنو ته سندس ڪوڙي صحيح ڪئي وئي هئي.

حاجي اڪبر جتوئي وڌيڪ چيو ته 24 فيبروري 2017 ۾ ڀان ڀر سان سندس پٽ محمد رمضان جتوئي ۽ ساڻس گڏ رضا حسين جتوئي کي پوليس اهلڪار غلام حسين جتوئي، غلام حيدر جتوئي پاران لياقت جتوئي جي چوڻ تي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل  ڪري  واقعي کي ايڪسيڊنٽ قرار ڏنو ويو.

هن چيو ته واقعي بعد هڪ سال تائين جاچ ڪئي جنهن بعد هڪ گداگري ڪندڙ باگڙي عورت ٻڌايو ته ڀان سيد آباد وٽ تنهنجي پٽ کي ڪار واري  چيڀاٽي  قتل  ڪيو هو .

هن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ،  ڊسٽرڪٽ سيشن جج دادو کان واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري اڳوڻي وفاقي وزير لياقت علي جتوئي ۽ ان جي ماڻهن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

رپورٽ- عزيز ملڪ

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڏهرڪي:  ڪار   ۽  موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر لڳڻ سبب ڪهڙو ٿيو جاني نقصان ؟

ڏهرڪي ويجهو رهڙڪي روڊ لڳ نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار  موٽر سائيڪل کي  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے