22 جمعہ , فروری 2019

صوبي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حددخلين خلاف ڪارروائي ڪئي: عثمان بوزدار

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان جي نئين پاڪستان جي خواب جي تعبير جو وقت اچي ويو آهي. حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو ته تبديلي جي خواب کي عملي صورت ڏيڻ جي لاءِ پنهنجا دروازا عوام لاءِ هميشه کليل آهن ۽ پنجاب ۾ بهتري جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيو پيو وڃي. هن چيو ته پنجاب پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي، ماڻهن جون اميدون گهڻيون آهن، وسيلا گهٽ ۽ مسئلا وڌيڪ هئڻ جي باوجود اسان جا حوصلا بلند آهن. هن چيو ته پنجاب ۾ وسيلن جي گهٽتائي آهي ۽ 100 ڏينهن وارو پلان نشان منزل آهي منزل ناهي. هن چيو ته اسان پنجاب کي درست منزل ڏانهن گامزن ڪنداسين جڏهن ته ڏکڻ پنجاب کي انتظامي بنيادن تي صوبو بڻائڻ واري واعدي کي پورو ڪرڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ايگزيڪٽو ڪونسل قائم ڪئي وئي آهي. عثمان بوزدار چيو ته صوبي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حددخلين جي خلاف بنا امتياز ڪارروائي ڪئي وئي ۽ اربين رپين جي زمين ڇڏرائي وئي. هن چيو ته وزير اعظم بي گهر ماڻهن جي لاءِ پهريون ڀيرو پناهه گاهه جو تصور پيش ڪيو ۽ اسان لاهور ۾ 5 ماڳن تي پناهه گاهون قائم ڪري ڇڏيون ۽ ان کي صوبي جي 36 ضلعن تائين وڌائينداسين. هن چيو ته بي گهرن کي ڇت جي لاءِ وزير اعظم هائوسنگ اسڪيم تي عملي بندوبستن جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي ان سان گڏوگڏ روزگار جي فراهمي جي لاءِ پنجاب اسڪل ڊيولپمينٽ جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي. هن چيو ته پنجاب ۾ نئين زرعي پاليسي جوڙي وئي آهي جڏهن ته مزدورن جي حقن جي تحفظ لاءِ نئين ليبر پاليسي آڻي رهيا آهيون. عثمان بوزدار چيو ته اعليٰ تعليم ۾ سڌارن جو خاڪو تيار ڪيو ويو آهي، صوبي ۾ 4 نين يونيورسٽين جو قيام عمل ۾ آندو پيو ڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڍاڪا ۾ باهه جو واقعو: پاڪستان جو افسوس جو اظهار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل ڍاڪا ۾ موجود عمارت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے