16 ہفتہ , فروری 2019

مخالف ڌر جون سموريون ڳالهيون قبول ڪنداسين پر احتساب جو عمل نه بيهندو: عمران خان

لاهور(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جون سموريون ڳالهيون قبولي سگهون ٿا پر احتساب کان پوئتي نه هٽنداسين. لاهور ۾ پنجاب حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي بابت ” طلوع سحر جا 100 ڏينهن“ جي عنوان سان رٿيل تقريب کي خطاب ۾ وزير اعظم چيو ته ڪيترائي ماڻهو ان 100 ڏينهن واري پلان کي جلسو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر ائين نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ماڻهو چون ٿا ته توهان پراڻي حڪومتن جون ڳالهيون ڪندا آهيو ته اِهو ڪرڻ ضروري آهي، جيستائين توهان اِهو نه ٻڌائيندا ته پهرين ڇا هو ۽ هاڻ ڇا آهي ته توهان ڪنهن سان پنهنجي ڀيٽ ڪندا. هن چيو ته منهنجي زندگي ۾ اوڀر پاڪستان الڳ ٿيو، اُها جاءِ پاڪستان جي لاءِ اهم جاءِ هئي ۽ جڏهن مون ڍاڪا ۾ ميچ کٽيو ته مون ائين لڳو ڄڻ آئون لاهور ۾ بيٺو آهيان. عمران خان جو چوڻ هو ته انصاف نه ملڻ ڏڦيڙ جو سڀ کان وڏو سبب بڻجندو آهي ۽ ماڻهو ملڪ کان عليحدگي جي مهم هلائيندا آهن، اوڀر پاڪستان جا ماڻهو به اِهو ئي چوندا رهيا ته اسان کي انصاف ناهي ملي رهيو پر هنن کي نه ٻڌيو ويو ۽ حصو الڳ ٿي ويو، ان ڪري اسان کي غلطين مان سکڻ جي ضرورت آهي.  هن چيو ته ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جي ماڻهن ۾ احساس محرومي پيدا ٿي ۽ ملڪ جا مخالف ان جو فائدو کڻي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ چاهن ٿا. وزير اعظم چيو ته پنجاب حڪوت صوبائي بجيٽ جي منصفاڻي ورڇ جو فيصلو ڪيو آهي ڇو ته ائين نه ڪيون ته ماڻهو ڏڦيڙ ڏانهن ويندا. هن چيو ته هن وقت لاهور ۾ گدلاڻ جي سطح دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ٻارن کي ان مان بيماريون ٿينديون، ان ڪري ضروري آهي ته اسان علائقن کي ترقي ڏياريون. هن چيو ته سربراهه جي سڀ کان وڏي خوبي ايمانداري آهي، مون 100 ڏينهن ۾ ڪنهن به عثمان بوزدار جي باري ۾ اِهو ناهي ٻڌو ته هي ڪميشڻ بڻائي رهيو آهي يا مني لانڊرنگ ڪري رهيو آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته قوم اِهو ڪيئن برداشت ڪندي ته حڪمراني پاڪستان ۾ ۽ ملڪيت ملڪ کان ٻاهر بڻائي وڃي، اُهو شخص ڪيئن ملڪ سان وفادار هوندو جڏهن ته ان جي اربين رپين جي دولت پاڪستان کان ٻاهر آهي. هن چيو ته اُهو ملڪ جيڪو تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو اڄ ان کي اهڙو ڪري ڇڏي ويا آهن جو اسان جو وڪرو انتهائي گهٽ ٿي ويو آهي ۽ سنگاپور ۽ ملائيشيا اسان کان اڳتي آهي. وزير اعظم جو چوڻ هو ته اڳوڻن حڪمرانن انهن منصوبن جي لاءِ قرض ورتا جيڪي ملڪ جي لاءِ وڌيڪ  نقصانڪار ثابت ٿيا. هن چيو ته حددخلين جي خاتمي دوران جيڪا 160 ارب رپين جي زمين آجي ڪرائي وئي اُها منهنجي نه پر رياست جي زمين آهي، هي عوام جي دولت آهي جنهن تي وڏي مافيا قبضو ڪري رکيو هو. هن چيو ته حددخلين جي خلاف ڪارروائي عوام جي لاءِ ٿي رهي آهي، ڪرپشن جي خلاف به ڪارروائي عوام جي لاءِ هوندي آهي ڇو ته جيڪو به ڪرپشن ڪندو آهي ان کي عوام کي ڀوڳڻو پوندو آهي. هن چيو ته ڪرپشن ۾ حڪومت نه پر عوام جو پيسو چوري ٿيندو آهي ۽ عوام کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي، جيڪو به معاشرو اڳتي وڌندو آهي اُهو ڪرپشن کي اٿڻ ناهي ڏيندو. قومي اسيمبلي جي حوالي سان ڳالهائيندي وزير اعظم جو چوڻ هو ته مخالف ڌر اسان تي انتقامي ڪارروائي جو الزام لڳائي رهي آهي جڏهن ته هن وقت تائين ڪو به ڪيس داخل ئي ناهي ڪرايو، اهڙي ريت ايف آءِ اي جيڪا ڪوڙن اڪائونٽن جي جاچ ڪري رهي آهي اُهو 2015ع جو معاملو آهي. هن چيو ته جيڪا ڪميٽي پارليامينٽ ۾ احتساب ڪندي آهي ان تي نيب جي حراست ۾ موجود شهباز شريف کي ويهاريو ويو، جنهن سان دنيا ۾ اسان جو ۽ جمهوريت جو مذاق بڻجي رهيو آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته قومي اسيمبلي ۾ اِهو قانون منظور ڪيو ويو ته بدعنوان شخص پارٽي جي قيادت ڪري سگهي ٿو ته سوچي اسان جي جمهوريت جو ڪهڙو حال ٿيندو. هن چيو ته اسان مخالف ڌر جون ڪيتريون ئي ڳالهيون مڃيون پر هڪ شئي نه قبول ڪنداسين ۽ اُهو احتساب جو عمل روڪڻ آهي. هن چيو ته احتساب جو عمل نٿو بيهي سگهي ڇو ته اِهو ملڪ جي سالميت ۽ ايندڙ نسلن جو مسئلو آهي. وزير اعظم چيو ته اسان قانون سازي ڪري رهيا آهيون هڪ سال جي اندر سول ڪيسن جو فيصلو ٿي ويندو ڇو ته هتي 30-30 سالن تائين ڪيس هلندا آهن. هن چيو ته مذهبي اقيلتن کي برابر جا شهري هئڻ جو احساس ڏيڻ آهي ۽ ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي کي ٻڌائڻو آهي ته اسان پاڪستان ۾ پنهنجي اقليتن کي ڪيئن ٿا رکون ۽ توهان هندوستان ۾ ڪيئن ٿا رکو.  وزير اعظم وفاقي وزير مراد سعيد جي ڪارڪردگي جي به تعريف ڪئي. هن چيو ته وزير ايمانداري سان پنهنجا فرض انجام ڏين ڇو ته ترقياتي منصوبن ۾ ملڪ ۾ غربت جي ليڪي کان هيٺ گذري گهاريندڙ 40 سيڪڙو آبادي جو پيسو آهي. هن چيو ته آئون به ٻين سياستدانن جيان شاهاڻي زندگي گذري سگهان ٿو پر آئون پنهنجي گهر ۾ رهندو آهيان ڇو ته مون کي الله کي جواب ڏيڻو آهي. عمران خان پنجاب کان پوءِ ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ به پناهه گاهه کولڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهزادي محمد بن سلمان جي پاڪستان دوري جون تاريخون تبديل….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان جي دوري جون تاريخون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے