18 جمعہ , جنوری 2019

رپورٽ| دادو: متاثر ڳوٺاڻن پاران زمين تي قبضو ڪندڙ بااثرن خلاف پريس ڪانفرنس

دادو  جي غريب آباد پاڙي جي رهواسي پيرسن غلام رسول عباسي ۽ سندس پٽن نياز عباسي ۽ ياسر عباسي پريس ڪانفرنس ڪندي مختيارڪار دادو عبدالحميد کوکر سندس 20 ايڪڙ زمين جو فرد نه ٿو ڪڍي ڏئي.

دادو  جي غريب آباد پاڙي جي رهواسي پيرسن غلام رسول عباسي ۽ سندس پٽن نياز عباسي ۽ ياسر عباسي چيو ته دادو  جي غريب آباد پاڙي جي رهواسي پيرسن غلام رسول عباسي ۽ سندس پٽن نياز عباسي ۽ ياسر عباسي ۽ مختلف بهانا بڻائي مهيني کان کيس ۽ پٽن کي آفيس جا چڪر ڪاٽرائي رهيو آهي.

هن چيو ته هو فالج جي بيماري ۾ مبتلا آهي،  زمين وڪڻي پنهنجو علاج ڪرائڻ چاهي ٿو.

پيرسن جي پٽن نياز عباسي ۽ ياسر عباسي چيو ته سندن والد غلام رسول عباسي 4 ڀينرن زاهده، رابيعه، شازيه ۽ بشرا عباسي جي شادي ڪرائڻ بعد کين ملڪيت مان عاق ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن کي ملڪيت ۽ زمين مان حصو نه ٿو ڏيڻ چاهي مختيارڪار ڀينرن جي مڙسن جي مداخلت تي هنن جي زمين جو فرد جاري نه ٿو ڪري.

هنن چيو ته جيڪڏهن سندن والد کي ڪجهه ٿيو ته ان جا ذميوار مختيارڪار دادو، سندن ڀيڻيوا ۽ ڀينرون هونديون.

رپوٽ:  عزيز  احمد ملڪ

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڏهرڪي:  ڪار   ۽  موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر لڳڻ سبب ڪهڙو ٿيو جاني نقصان ؟

ڏهرڪي ويجهو رهڙڪي روڊ لڳ نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار  موٽر سائيڪل کي  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے