18 جمعہ , جنوری 2019

سپريم ڪورٽ زلفي بخاري جي مقرري خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي

SC dismisses petition seeking Zulfi Bukhari's disqualificationلاهور( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ وزيراعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص صلاحڪار زلفي بخاري جي اهليت ۽ مقرري خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ زلفي بخاري جي اهليت ۽ مقرري خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي سندس وڪيل اعتزاز احسن پيش ٿيو. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته زلفي بخاري وزير طور ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪابينا اجلاس ۾ شامل ٿي رهيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان جو اعتراض اسان کي اسٽرائيڪ ڪري رهيو آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته زلفي بخاري ڪير آهي، ڪٿان آيو آهي، پوري سمري کڻي اچو، ان ڪيئن پنهنجي ويب سائيٽ تي وزير مملڪت جو عهدو لکي ڇڏيو؟ ان موقعي تي وڪيل اعتزاز احسن چيو ته زلفي بخاري وزير مملڪت جو اسٽيٽس ڪليم ناهي ڪيو، ان جي ڪري ئي برٽش ايئرويز پاڪستان ۾ آئي. چيف جسٽس چيو ته سٺو ته اهو ٿئي ها ته اوهان پي آءِ اي کي بهتر بڻايو ها، زلفي بخاري جي اهليت ٻڌايو، نئين پاڪستان ۾ جديد ماڻهو هجڻ گهرجن، وزيراعظم جي صوابديدي اختيار آهي ته اهو مطلب ناهي ته وزيراعظم جنهن به ريت مرضيءَ سان ڪم ڪري، مون کي وزيراعظم کي اماڻيل سمري ڏيکاري وڃي، ڪيئن زلفي بخاري خاص معاون بڻيو. چيف جسٽس درخواستگذار جي وڪيل کي چيو ته اسان زلفي بخاري کي توهان جي اپيل موجب ڪڍي نٿا سگهون، پارليامينٽ کي ان بابت تجويزون ڏئي سگهون ٿا. درخواست گذار جي وڪيل ظفر اقبال ڪلانوري چيو ته زلفي بخاري تي سرڪاري ملامن جي ٻٽي شهريت جو سپريم ڪورٽ جو فيصلو لاڳو ٿئي ٿو، ان تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ان تي لاڳو نٿو ٿئي. چيف جسٽس ظفر اقبال سان ڳالهائيندي چيو ته توهان فيصلو غور سان ناهي پڙهيو، اسان پارليامينٽ کي تجويزون ڏنيون آهن، اسان ان فيصلي تي پابندي ناهي لڳائي. چيف جسٽس چيو ته توهان کي زلفي بخاري جي مقرري خلاف رولز آف بزنس کي چئلينج ڪرڻ گهرجي ها، اسان سمنڊ پار پاڪستانين جو تمام گهڻو قدر ڪريون ٿا، جيئن انهن ڊيم فنڊ ۾ حصو ورتو. جسٽس اعجاز الاحسن پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته خاص معاون مقرر ڪرڻ وزيراعظم جو اختيار آهي، زلفي بخاري آئين جي آرٽيڪل62،63 جي وڪڙ ۾ نٿو اچي. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته خاص معاون کي مقرر ڪرڻ وارو فيصلو وزيراعظم کي ڪرڻو آهي، حڪومت هلائڻ وزيراعظم جو ڪم آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے