22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ| ڪرمپور: مقتول دوست علي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

ڪرمپور لڳ بجاراڻي تيغاڻي خوني تڪرار تان قتل ٿيل نوجوان دوست علي بجاراڻي جي وارثن پاران انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو.

مڇريل ماڻهن ڪنڌڪوٽ-شڪارپور روڊ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو.

ڌرڻي سبب شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي تي ڳڙهي خدابخش ويندڙ قافلا رڪجي ويا

پ پ اڳواڻن پاران روڊ کولرائڻ لاءِ مظاهرين کي منٿون مظاهرين پاران قاتلن جي گرفتاري جو شرط ۽ ايس ايس پي ڪشمور هٽائڻ جو مطالبو.

مقتول جي مامي دليل خان بجاراڻي چيو ته اسان جو جهيڙي سان ڪوبه تعلق ناهي بي گناهه سندن نوجوان کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي

هن چيو ته پوليس ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود به جوابدارن خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري.

احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ايس ايس پي هٽائي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

رپورٽ: سيف الله بجاراڻي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڳڙھي ياسين: نئون ڳوٺ ککراڻي هن جديد دور ۾ بھ بنيادي سهولت کان وانجهيل

ڳڙھي ياسين ڀرسان نئون ڳوٺ ککراڻي هن جديد دور ۾ بھ بنيادي سهولت کان وانجهيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے