18 جمعہ , جنوری 2019

رپورٽ| لکي غلام شاهه: ڪارنهن تڪرار تان هٿياربندن هٿان 4 ڄڻا قتل

لکي غلام شاهه ڀرسان ڪارنهن تڪرار تان جتوئي برادري جي عبدالقادر انگاري ۽ سجاول خروس جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ پيءُ پٽ سوڌو 4 ڄڻا مارجي ويا.

محمود آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ متارو خروس ۾ عبدالقادر انگاري جي ماڻهن مخالف ڌر جي گهرن تي فائرنگ ڪري چئن ڄڻن قتل ڪري فرار ٿي ويا،

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سجاول سندس پٽ بلاول، ڀائيٽو عابد خروس سوڌو 4 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

واقعي بعد ڪيترائي ڪلاڪ لاش گهرن ۾ پيل رهيا پر ڄاڻ ڏيڻ کانپوءِ به پوليس نه پهتي، جنهن سبب علائقي ۾ ڊپ جي لهر پکڙجي وئي.

ٽن ڪلاڪن کانپوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش کڻائي اسپتال پهچايا.

ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جي رٽ بحال نه هئڻ ڪري ٻنهي ڌرين جا هٿياربند مورچا بند ٿي ويا آهن، جنهن ڪري علائقي ۾ رتوڇاڻ جو امڪان وڌيو آهي

رپورٽ: نديم جان مهر

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڏهرڪي:  ڪار   ۽  موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر لڳڻ سبب ڪهڙو ٿيو جاني نقصان ؟

ڏهرڪي ويجهو رهڙڪي روڊ لڳ نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار  موٽر سائيڪل کي  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے