22 جمعہ , فروری 2019

سال 2018ع، عالمي سياست لاءِ وچ ٿرو رهيو:اسد ممتاز رڏ

سال 2018 عالمي سياست لاءِ وچ ٿرو رهيون .  عالمي سياست بابت  آمريڪي پاليسيون ۽ صدر ڊونالڊ ٽرمپ جا تقراري بيان ميڊيا جي زينت بڻيا رهيا ۔ سال 2018  جو عالمي سطح تي جيڪي وڏيون ملاقاتون ٿيون جنهن کي سڄي دنيا ساراهيو ويو انهن ۾ ملاقاتن ۾ 27 اپريل 2018 تي ڪوريائي خطي جي سربراهن جي  ملاقات ٿي ، اها ملاقات 1953 بعد ڪوريائي سربراهن جي پهرين ملاقات پڻ هئي جنهن کي تاريخي ملاقات جو نالو پڻ ڏنو ويو .  ان ملاقات بعد جيڪو گڏيل پڌرنامو جاري ٿيو ان ۾  ڄاڻايو ويو ته  ڪوريائي خطي کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ . ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ  ۽ امن بابت ڪوشش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو  .

هن سال جي ٻي اهم سياسي ملاقات آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۽ اتر ڪورايا جي سربراهه ڪم چونگ جي وچ ۾ ٿي . 13 جون 2018 تي ٿيل هن ملاقات جي پڻ سڄي دنيا جي امن پسند  ماڻهن ۽ ملڪن جي سربراهن آجيان ڪئي . ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ گھٽ ڪرڻ امن بابت ڪوشش ڪرڻ سان گڏ ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي خوشحالي  ۽ امن بابت نئي سر لاڳاپا قائم ڪرڻ جو وچن ڪيو ويو . هن ملاقات ۾ اهو پڻ اعلان ڪيو ويو ته جنگي قيدين ۽ لاپتا ماڻهن جي ڳولا ڪئي ويندي . انهن جي شناخت ٿيڻ تي سندن فوري طور تي آزاد ڪري پنهنجي پنهنجي ملڪ ڏانهن موڪليو ويندو .

سال 2018 دوران وچ اوڀر جي ملڪن شام ، يمن  ۽ عراق جنگ جا ميدان بڻيا رهيا ، شام ۾ هلندڙ جنگ ۾ آمريڪا ۽ ان جا اتحادي  پنهنجا پير هٽائيندي نظر آيا جڏهن بشارل اسد کي روس ۽ ايران جي حمايت جاري رهي . آمريڪي اختيارن پاران سال جي آخر ۾ اهو پڻ بيان آڏو آيو ته هي جنگ شام ، ايران ۽ روس جي جنگ آهي . آمريڪا جو هن جنگ سان واسطو ناهي .  يمن لاءِ 2018 بهتر نه رهيو  جنگ دوران خوراڪ جي کوٽ سبب ميڊيا ۾ يمن جي ٻارن جو فوت ٿيڻ واريون خبرون سامهون آيون .  عراق جنگ کان پوءِ  آمريڪا ۽ ان جا اتحادي طوري عراق مان واپس هليا ويا تنهن هوندي به هينئر تائين عراق جا معاملا بهتر نه ٿي سگھيا اڄ به عراق ۾ اڻ سڌي طرح جنگ هلي پئي. سال 2018 دوران وچ اوڀر ۾ جاري جنگ دوران يورپي ملڪن ، آمريڪا ۽ ڪينڊا ۾ پناهگيرن جي تعداد ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو .  افغانستان ۾ جاري جنگ 2018 ۾ به جيئن جو تئين رهي لکين جانيون ڳڙڪايندڙ هي جنگ انساني تاريخي جي سڀ کان  ڊگھي جنگ پڻ چيو وڃي ٿو .

.سال 2018 جمال خاشقجي جي قتل سعودي عرب لاءِ  پريشانيون وڌائي ڇڏيون. جمال خاشقجي صحافتي تاريخ جو پهريون صحافي آهي جنهن پنهنجي قتل تيڻ جي رپوٽنگ پاڻ ڪئي . اپيل واچ جي ريڪارٽنگ ۾ سندس وقت آواز ۽ سندس تي ٿيندڙ تشدد رڪارد ٿيندو رهيو. عالمي ميڊيا موجب  ترڪي جي استمبول ۾ قائم سعودي سفارت خاني ۾ آمريڪي اخبار ۾ ڪم ڪندڙ سعودي صحافي جي قتل جا پيرا سعودي ولي عهد محمد بن سليمان ڏي وڃن پيا . صحافي جمال خاشقجي جي قتل بعد سعودي عالمي سطح تي اڪيلو ٿيندي  نظر آيون . قتل بعد ترڪي سميت سڄي دنيا سان سعودي جا لاڳاپا متاثر ٿيا . سعودي عرب ۾ ٿيندر عالمي اقتصادي ڪانفرنس وڏي پيماني تي ناڪام وئي . ڪانفرنس ۾ اڪثر يورپي ملڪ جي نمائيدن اچڻ کان انڪار ڪيو .  آمريڪا ، ايران  روس جي اڳواڻ سميت ڪانفرنس جي اهم شرڪت سمجهندڙ آءِ ايم ايف جي سربراهه پڻ ڪانفرنس شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو . 2018 ۾ سعودي روايتن  ۽ قانون ۾ تبديلي نظر آئي سعودي عرب ۾ عورتن کي گاڏي هلائڻ جي منطوري ملڻ . موسيقي جا پروگرام ٿيڻ  شروع ٿيا . جنهن سان سعودي عرب جي لبرل هجڻ جو آغاز پڻ سمجهو ويو .

عالمي سطح تي جتي ڪوريائي خطي ، آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جا لاڳاپا بهتر ٿيندي نظر آيا . اتي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪرتار پور بارڊر کوليو ويو جنهن کي ٻنهي ملڪ جي عوام سميت عالمي سطح تي مثبت عمل سمجھو ويو .سال 2018 ۾ عالمي سطح تي جن ۾ماڻهن جو وڇوڙو ٿيو انهن مان دنيا جو عظيم ذهن ڪائنات ڳولا تي ڪم ڪندڙ  اسٽيفن هاڪنگ 76 سالن جي ڄمار ۾  هن دنيا جي الوداع چيو .

گڏيل قومن جو سربراهه ٿيندڙ پهريون سياه فام آفريڪي اڳواڻ ڪوفي انان 80 سال جي ڄمار ۾ فوت ٿيو . هو 1997 کان 2006 تائين گڏيل قومن جي سربراهه جي حيثيت سان پنهنجو ڪم جاري رکيو.

جارج بش سينيئر 41 هون آمريڪي صدر 94 سالن جي ڄمار دم ڌڻي حوالي ڪيو . هو 1980 کان 1988 تائين آمريڪي صدر رهيو .مشهور بالي ووڊ اداڪارا سري ديوي پڻ سال 2018 ۾ پنهنجي مداحن کان هميشه هميشه لاءِ الوداع ٿي وئي . 54 سالن جي سري ديوي بالي ووڊ کي ڪيتريون ئي ناياب فلمون ڏنيون ۽ هو وڏي عرصي تائين بالي ووڊ تي ڇانيل رهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

نامياري ڪلاسيڪل راڳي استاد حنيف لاشاري سان ڳالهه ٻولهه :انٽرويو: جميل چانڊيو

حنيف لاشاري جو تعلق سنڌ جي انتهائي غريب ۽ هاري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے