21 جمعرات , فروری 2019

تنهنجي شادي ته راڻا ڄڻ ميلو آ…. سال 2018ع ۾ مشهور شخصيتن جون ٿيل شاديون…:فهيم شر

سال 2018 ۾ پاڪستاني ۽ بالي ووڊ ستارن سان گڏ ڪيترن عالمي شخصيتن به پنهنجي زندگي جي هڪ نئي باب جي شروعات ڪئي. ستارن جي ان حقيقي جوڙين کي سوشل ميڊيا تي ڀرپور موٽ ملي ۽ مداحن طرفان نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو ويو.

اچو ته ڄاڻو ته هن  سال ڪيتريون مشهور شخصيتون هڪ ٿي ويون

فيروز خان:

سال 2018ع  پاڪستاني اداڪار فيروز خان لاءِ ڪاميابين سان ڀرپور رهيو جتي هن سال جيو انٽرٽينمنٽ تي نشر ٿيل ڊراما سيريل” خاني“  کي سپر هٽ قرار ڏنو ويو، اتي ئي هن عليزا فاطمه سان 30 مارچ تي زندگي جي نئين شروعات ڪئي، جڏهن ته فيروز خان ۽ عليزا جي جوڙي کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو ۽ ان جي شادي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل  به ٿيون هيون جن کي پسند ڪيو ويو .

عائشه خان:

هلندڙ سال 14 اپريل تي عائشه خان ميجر عقبه حديد ملڪ سان شادي ڪئي ۽ زندگي جي هڪ نئين سفر جي شروعات ڪئي.

برطانوي شهزادو هيري ۽ آمريڪي اداڪارا ميگهن مارڪل:

هن سال 19 مئي تي برطانوي شهزادي هيري ۽ آمريڪي اداڪارا ميگهن مارڪل به هڪ ٿي ويا، شهزادي هيري ۽ ميگهن مارڪل جي شادي هن سال جي مشهور ترين شادين مان هڪ هئي  جنهن سموري دنيا جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو.

سونم ڪپور۽  آنند آهوجا: 

بالي ووڊ جي مشهور اداڪار انيل ڪپور جي نياڻي ۽ اداڪارا سونم ڪپور به هن سال 8 مئي تي آنند آهوجا سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي جنهن سان سندس لاڳاپن جون خبرون ڊگهي عرصي کان ميڊيا جون زينت بڻيل رهيون. اداڪار سونم ڪپور جي شادي آنند آهوجا سان سک ريتن رسمن موجب ٿي، جنهن ۾ ڪيترن بالي ووڊ ستارن شرڪت ڪئي.

نيها ڌوپيا ۽ انگد بيدي:

بالي ووڊ اداڪارا نيها ڌوپيا به هن سال 10 مئي تي انگد بيدي سان شادي ڪئي ۽ زندگي جي نئين سفر جو آغاز ڪيو، اداڪارا شادي کي زندگي جو سڀ کان بهترين فيصلو قرار ڏيندي انسٽاگرام تي مداحن کي اها خوشخبري ٻڌائي هئي.

هميش ريشميا ۽  نويا ڪپور:

مشهور ڀارتي ڳائڻي هميش ريشميا 12 مئي تي پنهنجي ويجهي دوست اداڪارا نويا ڪپور سان ٻئي شادي ڪئي جنهن سان گڏ اڪثر تقريبن ۾ گڏ نظر ايندو.

عمران اشرف ۽ ڪرن اشفاق :

پاڪستاني ٽي وي اداڪار عمران اشرف هن سال 17 جولاءِ تي ڪرن اشفاق سان ازدواجي رشتي ۾ ڳنڍجي ويو ، ۽ هو اڄڪلهه  پنهنجي ڊرامي”دل موم ڪا ديا“ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي،  جنهن کي مداحن طرفان تمام گهڻي موٽ ملي رهي آهي.

عليزه طاهر ۽  ارسلان احمد :

پاڪستاني ڊرامن ۾ مددگار ڪردار ادا ڪرڻ واري نوجوان ٽي وي اداڪارا هن سال ارسلان احمد سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي.

سارا رضي خان :

چائلڊ اسٽار ۽ آرٽسٽ کان فني سفر جي شروعات ڪندڙ سارا رضي خان هلندڙ سال ڊسمبر ۾ شادي ڪري ڇڏي.

 ڪٽ هيرنگٽن ۽ روز ليزلي:

مشهور آمريڪي فنٽيسي ڊرامي”گيم آف ٿرونز“ ۾ جون سنو جو ڪردار ادا ڪرڻ واري برطانوي اداڪار 31 سالن جي ڪٽ هيرنگٽن هن ڊرامي ۾ يگرٽي جو ڪردار ادا ڪرڻ واري 31 سالن جي اداڪارا روز ليزلي سان هلندڙ سال جون ۾ شادي ڪئي، حقيقي زندگي ۾ هڪ نئين شروعات ڪئي.

دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه :

بالي ووڊ جي مشهور ۽ دلڪش جوڙي دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه ڊگهي عرصي تائين ويجهن لاڳاپن ۾ رهڻ کانپوءِ 14 نومبر تي اٽلي جي خوبصورت هنڌ ليڪ ڪومو تي شادي ڪئي جن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيڻ بعد مداحن طرفان تمام گهڻو داد حاصل ڪيو.

منيب بٽ ۽ ايمن خان:

پاڪستاني ستارن ۾ ايمن ۽ منيب جي ڊگهي ترين شادي رهي، سندن شادي جي رسمن جي شروعات آڪٽوبر ۾ ٿي جڏهن ته وليمي جي تقريب ڊسمبر تي پڄاڻي تي پهتي، ٻنهي جي شادي جون تصويرون پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون.

پريانڪا ۽ نڪ جونس هڪ ٿي ويا:

بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا ۽ آمريڪي ڳائڻي نڪ جونس جي شادي 2 ڊسمبر تي ڀارت جي تاريخي شهر جوڌپور جي عميد ڀوان پئلس ۾ ٿي. ٻنهي شخصيتن جي شادي هندو ۽ عيسائي ريتن رسمن موجب ٿي هئي. پريانڪا ۽ نڪ جونس جي شادي پڻ هلندڙ سال جي مقبول شادين منجهان هڪ هئي.

ڪپل شرما :

ڀارتي مزاحيا اداڪار ۽ دي ڪپل شرما شو جي ميزبان ڪپل شرما پڻ هن سال 12 ڊسمبر تي پنهنجي ويجهي دوست گني ڇٿرا سان ازداجي رشتي ۾ ڳنڍجي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نامياري ڪلاسيڪل راڳي استاد حنيف لاشاري سان ڳالهه ٻولهه :انٽرويو: جميل چانڊيو

حنيف لاشاري جو تعلق سنڌ جي انتهائي غريب ۽ هاري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے