22 جمعہ , فروری 2019

ديبل يا ڀنڀور تاريخ جي نظر ۾:خدابخش بروهي

موسمي، ماحولياتي تبديلين، زلزلن، سامونڊي طوفانن قدرتي آفتن، خدائي عذابن قومن ڳوٺن ۽ واهڻن وسندين کي تباھ و برباد ڪري ڌرتي جي نقشي تان مٽائي ڇڏيو آهي جنهن سبب ڪيترائي شهر، قومون ناس ٿي صفئه هستي تان مٽجي ۽ ميسارجي پنهنجو وجود ۽ تسلسل وڃائي ويٺيون آهن اهڙين تباهين کي انساني اعمالن جو نتيجو چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ڇو ته اهڙين ڪافي تباهين کي آسماني ڪتابن انساني اعمالن جو نتيجو قرار ڏنو آهي ان جو مثال اسان طوفان نوح جي ذريعي نوح عليه السلام جي قوم جي بربادي، يا عاد، ثمود ۽ لوط عليه السلام جي قوم جي تباهي يا فرعون جي لشڪر سميت دريا ۾ غرق ٿيڻ يا نمرود ۽ سندس لشڪر جو مڇرن هٿان مرڻ، اهو سڀ عالم انسانيت لاءِ عبرت جو مقام آهي جڏهن ته ان کان سواءِ فاتحن پاران مفتوح قومن کي ماري انهن جي وجود کي ختم ڪرڻ يا انهن جي شهرن ۽ ڳوٺن کي لٽي ساڙي کين غلام بڻائڻ يا جلا وطن ڪرڻ هن ڌرتيءَ تي تباهي جا وڏا سبب بڻيا آهن.

هتي ماضي قريب جي واقعن تي نظر وجهجي ته 1935ع ۾ ڪوئيٽا شهر ۾ زلزلي سبب 60 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، گهڻي ڀاڱي سڄو شهر تباھ ٿي ويو، زمين ۾ ڏار پوڻ ڪري ريلوي لائين سخت متاثر ٿي، جڏهن ته 8 آڪٽوبر 2005 تي بالا ڪوٽ ۽ مظفر آباد سميت ڪشمير ۽ خيبرپختونخواه جي ٻين علائقن ۾ خوفناڪ زلزلي سبب هڪ لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو موت جو شڪار ٿيا جڏهن ته هزارين زخمي ۽ بي گهر ٿيا. جڏهن ته 2004 ۾ هند مها ساگر ۾ آيل سونامي سبب 14 ملڪن جا 2 لک 30 هزار ماڻهو موت جو شڪار ٿيا يا وري لاپتا ٿي ويا، ان کان علاوه سامونڊي طوفانن جهڙوڪ ڪترينا، ريٽا، ولما، سينڊي، ميٿيو وغيره به دنيا اندر وڏي تباهي آندي، انهيءَ سڄي عمل کي ڏسجي ته تباهين جو سلسلو ازل کان وٺي آهي جن سبب ڪيئي شهر ۽ وسنديون تباھ ٿي ويون آهن.

سڪندر کي جڏهن آب حيات پيئڻ جو شوق ٿيو ته هو فوج سميت ڪوھ قاف کي هيٺ مٿي جانچڻ لڳو پر اهو پاڻي فقط حضرت خضر عليه السلام کي هٿ آيو جنهن اهو پاڻي پي هميشه زندھ رهڻ جو شرف حاصل ڪيو، حضرت خضر عليه السلام جو هڪ دفعي ڪنهن خوبصورت شهر وٽان لنگهڻ ٿيو، ماڻهن کان پڇيائين ته هي شهر ڪڏهن کان آباد آهي؟ هنن وراڻيو ته اسان جي ابن ڏاڏن هن شهر کي آباد ڏٺو آهي وري سوين سال پوءِ هو ان جاءِ تان لنگهيو پر ان شهر جي بدران اتي هڪ وڏو ميدان هو، ماڻهن کان پڇيائين ته هتي موجود شهر ڪڏهن ختم ٿيو ۽ هي ميدان ڪڏهن کان آهي هنن وراڻيو ته اسان جي ابن ڏاڏن جي زماني کان هتي هي ميدان آهي، سوين سالن کان پوءِ سندس گذر ساڳي هنڌان ٿيو ته ان ڀيري ان جاءِ تي هڪ دريا پئي وهيو ۽ وري جڏهن سوين سالن کان پوءِ اتان لنگهيو ته ان جاءِ تي هڪ اڳي کان وڌيڪ خوبصورت شهر آباد هو هن جڏهن ان شهر جي تاريخ مطابق ان شهر جي واسين کان پڇيو ته انهن ساڳيو جواب ڏنو، انهي مان اندازو ٿئي ٿو ته هن ڌرتيءَ ڪيئي رنگ بدلايا آهن ۽ بدلائيندي رهندي.

اسين دنيا جي شهرن کي ڇڏي رڳو سنڌ اندر عربن ۽ سومرن پاران اڏيل شهرن منصوره، محمد طور کي ڏسون ته اهي نشانين جي صورت ۾ موجود آهن پر اسان کي هتي ڀنڀور شهر جي تاريخي شهر تي وچورڻو آهي جيڪو ٺٽي ضلعي ۾ آثارن جي صورت ۾ موجود آهي. هن ڀنڀور شهر مطابق تاريخي حوالن جي پيش نظر خبر پئي ٿي ته هن شهر جو بنياد پهرين صدي قبل از مسيح ۾ پيو ۽ تيرهين صدي عيسويءَ ۾ پنهنجو وجود وڃائي ويٺو، شهر تي پهرين صدي قبل از مسيح کان ٻين صدي عيسويءَ تائين پارٿين جو راڄ رهيو جڏهن ته ٻين صدي کان اٺين صدي تائين ٻڌ مت ۽ هندو ڌرم جي پوئلڳ خاندانن حڪومت ڪئي ۽ اٺين صديءَ کان تيرهين صدي تائين مسلمانن جو راڄ رهيو. ڀنڀور شهر متعلق تاريخ ۾ ڪجھه تضاد موجود آهن ڪن جو خيال آهي ته ڀنڀور اهوئي ديبل شهر آهي جنهن کي محمد بن قاسم 711ع ۾ فتح ڪيو پر ڪن جو خيال آهي ته ڀنڀور الڳ ۽ ديبل الڳ آهي ۽ ڪي ته وري چون ٿا ته ديبل در اصل پير پٺو آهي اتي ٻن محرابن واري مسجد ۽ مينار موجود آهي. چيو وڃي ٿو ته اهي ٻئي عمارتون محمد بن قاسم پاران اڏايل آهن، اچون ٿا ديبل جي تاريخ تي.

ديبل جي موجودگيءَ بابت چچ نامي ۾ حوالا موجود آهن ته ديبل راءِ سهاسي جي دور ۾ موجود هو جيڪو پنجين صديءَ جي آخر ۾ ٿي گذريو آهي اهو حوالو 637ع يعني حضرت عمر رضي الله عنه جي خلافت جي دؤر جو آهي ان وقت ۾ مسلمانن جو پهريون ٻيڙو هتي آيو ۽ فتح حاصل ڪيائين، جڏهن ته سياح ابن حوقل، الاستخري ۽ المسعودي هتي آيا جن اکين سان ديبل کي ڏٺو، جڏهن ته سماني جي ڪتاب ۾ ديبل جي برک عالمن ۽ فاضلن جو ذڪر ٿيل ۽ پراڻن ڪتابن ۾ ڀنڀور جو ڪو ذڪر نه آهي تنهنڪري  مٿي ڄاڻايل دليلن کي نظر ۾ رکي معلوم ٿيندو ته اهوئي ديبل هاڻوڪو ڀنڀور جو ڦٽل شهر آهي، ديبل جي ختم ٿيڻ متعلق ڪا پڪي ڄاڻ موجود نه آهي يا ته سمنڊ جو پاڻي وڌي اچڻ ڪري هتي جا کوھ کارا ٿي ويا پوءِ هي شهر برباد ٿيو يا وري علاؤالدين خوارزم  پاران ڪيل حملي ۾ هي شهر تباھ ۽ برباد ٿي ويو، جڏهن ته علامه ابن الجوزي پنهنجي ڪتاب المنتظر ۾ پڻ ڄاڻايو آهي ته 14 شوال 280 هجري تي هتي تيز هوائن ۽ مينهن سان گڏوگڏ هڪ سخت زلزلو آيو جنهن ۾ سڄو شهر ڊهي پٽ ٿي ويو ۽ صرف هڪ سؤ جي لڳ ڀڳ گهر وڃي بچيا، جنهن کان پوءِ هتان 30 هزار لاش ڪڍيا ويا تنهن کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان پنج زلزلا ٻيا آيا جن ويتر گهڻي تباهي آندي.

جڏهن ته کوٽائي دؤران گهٽين ۾ مليل انساني ڍانچا پڻ مليا آهن جن کي تير لڳل آهن انهي ڪري شهر جي تباهيءَ ۾ ڪنهن جنگي حالت کي به رد نٿو ڪري سگهجي،  پر اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته تيرهين صدي ۾ هي شهر ختم ٿي چڪو هو انهي ڳالھه جو وڏو ثبوت ابن بطوطه جي سفر نامي مان ملي ٿي جيڪو 1333ع ۾ هتي آيو، هو پنهنجي احوال ۾ لاهري بندر جو ته ذڪر ڪري ٿو پر ديبل جو ڪوبه ذڪر نٿو ڪري. ان کان اڳ ۾ البيروني هتي آيو هن ديبل جو ذڪر ته ڪيو آهي پر بندر طور لوهاراڻي جو ذڪر ڪيو آهي ان مان صاف ظاهر ٿيو آهي ته ابن بطوطه جي اچڻ مهل هي شهر پنهنجو وجود وڃائي چڪو هو.

تاريخ ۾ عربن جي ڪاهن بابت ڄاڻ ملي ٿي ته حضرت عمر جي دؤر ۾  پهريون بحري ٻيڙو بحرين جي گورنر جي حڪم تي ٿاڻي بندر ۽ ڀروچ تي فتح حاصل ڪري قبضو ڄمايو ان وقت عرب جنرل مغيره ديبل تي حملو ڪيو. حضرت عثمان جي خلافت جي دؤر ۾ به سنڌ ۾ بحري ٻيڙو آيو پر جلد موٽي ويو، 660ع ۾ حضرت عليءَ جي خلافت وقت سنڌ جي سامونڊي سرحد تي نظر رکڻ لاءِ هڪ عرب سردار کي مقرر ڪيو ويو هئو. 665ع ۾ خليفي حضرت امير معاويه جي دؤر ۾ ملهب کي پڻ ساڳي ڪم سان مقرر ڪيو ويو. دمشق ۾ خليفي عبدالملڪ جي دؤر ۾ سندس سپھه سالارن ۽ گورنرن اهڙو ته فتحن جو سلسلو شروع ڪيو جو عربستان مصر عراق يمن آرمينيا آذربائيجان، سمرقند بخارا کان چين جي سرحدن تائين فتح حاصل ڪيائون هوڏانهن آفريڪا جا ڪافي علائقا فتح ڪندي اسپين کي فتح ڪيو ويو ۽ ايران ۽ مڪران به فتح فتح ٿيو

ان وقت عرب سردار محمد بن حارث علافي ۽ عبدالرحمٰن بن اشعث 500 ساٿين سميت خليفي سان بغاوت ڪري سنڌ آيا نه رڳو ايترو پر انهن اڀرندي صوبي جي گورنر کي پڻ قتل ڪيو انهي دؤر ۾ عرب واپارين سري لنڪا ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ڪري واپار جو سلسلو شروع ڪيو هو انهن واپارين جي ڪجھه عورتن ۽ ٻارن کي وطن واپسيءَ دؤران  سنڌ جي سامونڊي حدن ۾ ڪجھه قزاقن ڦري لٽي باندي بڻايو، جنهن جي اطلاع ملندي خليفي، راجا ڏاهر کان انهن باندين کي آزاد ڪرائڻ ۽ سندن لٽيل ملڪيت واپس وٺائي ڏيڻ جي گهر ڪئي جنهن تي هن جواب ڏنو ته قزاق سندس وس ۾ نه آهن، جنهن تي خليفي عبدالله بن بنهان کي پهرين ۽ پوءِ بديل بن طهفه البجلي کي فوج ڏئي روانو ڪيو جيڪي شڪست کائي مارجي ويا تنهن کان پوءَ محمد بن قاسم کي 6 هزار فوج ڏئي سنڌ ڏانهن روانو ڪيو ويو، جنهن جو اڪثر حصو خشڪيءَ رستي ايران کان ٿيندو ديبل پهتيو باقي حصو سمنڊ ذريعي ديبل پهتو، انهن فوجن ديبل کي چؤطرف خندق هڻي ان جو گهيرو ڪيو سامونڊي برگيڊ منجنيقن ذريعي وڏا پٿر اڇلايا جن ديبل جي فوج کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪيو اهڙي طريقي سان عرب فوجن اڳتي هلي برهمڻ آباد ۾ راجا ڏاهر کي شڪست ڏني. اچون ٿا هن ڳالھه تي ته ديبل ڀنڀور ۾ آهي يا پير پٺي ۾، آثار قديمه جي ماهرن 29-1928ع ۾ رميش چندرا مجدار جي اڳواڻيءَ ۾ هتي پهريون دفعو کوٽائي ڪئي 1951ع ۾ ليسلي الڪڪ جي اڳواڻي ۾ جڏهن ته 1958ع کان 1965ع تائين قديم آثارن جي پاڪستاني ماهر ڊاڪٽر فضل احمد خان جيڪا کوٽائي ڪئي ان کوٽائي ۾ هتان چئن تهذيبن پارٿي ، ٻڌمت، هندو مت ۽ اسلامي تهذيبن جا نشان مليا آهن، 1960ع ۾ هتي هڪ مسجد ملي جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اها ننڍي کنڊ جي پهرين مسجد آهي جيڪا محمد بن قاسم ٺهرائي هئي، انهي مان اندازو ٿو ڪجي ته اهوئي ڀنڀور ديبل آهي جنهن لاءِ آثار قديمه جي ماهرن جو به خيال آهي، پير پٺي ۾ قائم مينار واري مسجد کي ڏسجي ته اهي پنهنجي طرز بناوت سبب مغل ۽ ڪلهوڙا دؤر جا لڳن ٿا ۽ هتي ڪنهن ايڏي وڏي شهر جا آثار به نه مليا آهن جو چئجي ته هي ڪو ديبل ٿي سگهي ٿو، هن پراڻي ديبل ۽ اڄوڪي ڀنڀور سان سسئي ۽ پنهون جو عشقيه داستان واڳيل آهي جنهن کي ڀٽائي سرڪار سڀ کان زيادھ ڳايو آهي بهر حال هتي هڪ ٻي سسئي پليجو آهي جنهن 10 مارچ 2012ع ۾ ڀنڀور تي عالمي سيمينار ڪرائي دنيا جي ماھرن کي ڀنڀور ۽ ديبل جي تاريخ کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو ڏنو ۽ انهي عرصي دؤران اٽلي، فرانس ۽ پاڪستاني ماهرن ڀنڀور جي آثارن جي کوٽائي پڻ ڪئي. پر اڃا به ڀنڀور جي آثارن جي کوٽائي جي وڌيڪ ضرورت آهي ته جئين وڌيڪ تحقيق ڪري سگهجي  ڇو ته يوناني فاتح سڪندر اعظم جي هتي قيام ڪرڻ جا به تاريخي حوالا مليا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نامياري ڪلاسيڪل راڳي استاد حنيف لاشاري سان ڳالهه ٻولهه :انٽرويو: جميل چانڊيو

حنيف لاشاري جو تعلق سنڌ جي انتهائي غريب ۽ هاري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے