22 جمعہ , فروری 2019

ڀارت ميلبورن ٽيسٽ ۾ آسٽريليا کي 137 رنسن تان هارائي ڇڏيو

India beat Australia in third Test by 137 runsميلبورن ( اسپورٽس نيوز ) ڀارت ٽئين ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا کي 137 رنسن تان شڪست ڏئي چئن ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 1-2 تان شڪست جي سرسري حاصل ڪري ورتي. ميلبورن ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت جي 399 رنسن جي هدف جي جواب ۾ آسٽريلوي ٽيم 261 تي ڍير ٿي وئي. ڀارت طرفان جسپريت بمرا ۽ رويندر جديجا 3، 3 جڏهن ته ايشانت شرما ۽ محمد شامي ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون. آسٽريليا جي پيٽ ڪمنز 63، شان مارش 44 ۽ عثمان خواجه 33 رنسن سان نمايان رهيا ٻيا بيٽسمين ذڪر جوڳي ڪارڪردگي پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. ميچ ۾ 9 وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي جسپريت بمرا کي ميچ جو بهترين رانديگرن قرار ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته ڀارت پهرين اننگز ۾ 7 وڪيٽن تي 443 ۽ ٻي ۾ 6 وڪيٽن تي 106 رنسن ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي هئي جڏهن ته ميزبان آسٽريلوي ٽيم پهرين اننگز ۾ 151 ۽ ٻي ۾ 261 رنسون ٺاهي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

”ڪشميرين کي غلام بڻائي نٿو رکي سگهجي“

برسلز(ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي وزير اعظم فاروق حيدر جو چوڻ آهي ته ڀارت ڪشميرين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے