18 جمعہ , جنوری 2019

رپورٽ| لکي غلام شاهه: ڳوٺ عبدالغني ۾ مچ ڪچهري ڪرائي وئي

لکي غلام شاھ ڀرسان ڳوٺ عبدالغي مهر ۾ ڳوٺ جي چڱي مڙس عبدالغني مهر پاران سياري جي سرد راتين ۾ مچ تي محبتن جا ميلا مچائي ڇڏيا.

سگهڙ ڪچهري ۾ سنڌ جي ڀلوڙ مشهور سگهڙن پٺاڻ مهر،حاڪم علي ڪوري،عبدالستار ميربحر،بشير احمد ڏيٿو،گلشن لاشاري،علي گوهر خاصخيلي،بشير احمد مهر،بشير احمد بلوچ،ماستر مينڌرو،ڪريم بخش شيخ،استاد قمر کوسو،ارباب علي مهر بينن وارو،مرتضي لاڙڪ جن محفل ۾ ڏور جي بيتن،ڳجهارتن ذريعي محفل کي مهو بڻائي ڇڏيو.

سياري جي سرد راتين ۾ ” مچ ” تي محبتن سان ڀرپور سگهڙ ڪچهرين ۾ ڳجهارتون، ڏور ، بيت ۽ سينگار پيش ڪري محفل ۾ واه واه جي ڌوم مچائي ڇڏي.

رات جو دير تائين مچ تي مچايل محفل ۾ علائقي جي معزز ماڻهن سياسي سماجي تنظين جي ڪارڪنن سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي مچ ڪچهري ۾ کاڌي پيتي جو پڻ بندوبست ڪيو ويو.

ان موقعي تي سگهڙ پٺاڻ مهر ۽ ٻين چيو ته سنڌ صوفين، درويشن ۽ ساڃاه وندن جي سرزمين آهي جتان محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ملندو رهيو آهي.

علائقي واسين پ ٽ الف سنڌ جي نائب صدر غلام رسول مهر،عبدالغني مهر،مرتضىٰ لاڙڪ،فائڪ لاڙڪ،توقير ميمڻ،عبدالحميد مهر،مولابخش ميمڻ،راجا منگي جن جو چوڻ هو ته سنڌ جي روايتي مچ ڪچهرين ۽ سگهڙ ڪچهرين کي هڪ ڀيرو ٻيهر آباد ڪجي ڇاڪاڻ ته اهڙيون ڪچهريون محبتن کي عام ڪرڻ لاءِ وڏي اهميت رکن ٿيون.

رپورٽ: نديم جان مهر

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڏهرڪي:  ڪار   ۽  موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر لڳڻ سبب ڪهڙو ٿيو جاني نقصان ؟

ڏهرڪي ويجهو رهڙڪي روڊ لڳ نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار  موٽر سائيڪل کي  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے