22 جمعہ , فروری 2019

فاٽا جي ضم ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي پهرين ترجيح آهي: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته فاٽا جي انضمام ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي ۽ انهن علائقن کي ملڪ جي گھٻين حصن جي برابر آڻڻ پهرين ترجيح آهي. وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ فاٽا جي تعمير ۽ ترقي جي حوالي سان اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر، خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، وزير اعظم جي صلاحڪار شهزاد ارباب، خاص مددگار افتخار دراني ۽ ناڻي وراي صوبائي وزير تيمور سليم سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ انضمام ٿيل علائقن ۾ انتظامي معاملن، صحت، تعليم، امن امان سميت ترقياتي منصوبن تي هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائي ۽ ايندڙ 3 مهينن جي حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبائي ڪابينا هر مهيني ترقياتي ڪمن ۽ سڌارن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي. وزير اعظم هدايت ڏني ته انضمام ٿيل علائقن ۾ لوڪل گورنمنٽ جي نظام کي لاڳو ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪيون وڃن، ان کان سواءِ تعليم، صحت ۽ پوليس جي خالي جاين کي به فوري طور تي ڀرڻ وارو عمل شروع ڪيو وڃي. وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته انضمام ٿيل علائقن ۾ تعمير ۽ ترقي ۽ انهن علائقن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ پهرين ترجيح آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے