22 جمعہ , فروری 2019

چين پاڪستان کي 2 ارب ڊالر ڪمرشل قرض ڏيندو: ناڻي واري وزارت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چين پاڪستان کي 2 ارب ڊالر ڪمرشل قرض ڏيندو. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب چين کان قرض کڻڻ جي لاءِ ڳالهيون آخري مرحلن ۾ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته چين کان ملندڙ قرض 8 سيڪڙو شرح وياج تي هوندو. ذريعن ٻڌايو ته چين ان معاهدي جي فائنل ٿيڻ تائين ان کي ڳجهو رکڻ جي درخواست ڪري رکي آهي جڏهن ته معاملي کي ڳجهو رکڻ جي درخواست چين جي اعليٰ قيادت طرفان ڪئي وئي. ذريعن موجب پاڪستان قرض حاصل ڪرڻ جي لاءِ درخواست وزير اعظم جي چين جي دوري دورنا ڏني ۽ انهيءَ ملاقات ۾ چيني قيادت معاملي کي ڳجهو رکڻ جي درخواست ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے