اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي آءِ اي کي منافعي بخش ادارو بڻائڻ پيرن تي بيهارڻ چاهيون ٿا، اهو ادارو پاڪستان جي سڃاڻپ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ اي ۾ سڌارن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر سميت ٻين سينيئر آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم کي پي آءِ اي جي انتظامي، مالي ۽ ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. عمران خان جو چوڻ هو ته قومي ايئر لائن هجڻ جي حيثيت سان پي آءِ اي ملڪ جي سڃاڻپ آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ پي آءِ اي بدانتظامي ۽ ڪرپشن جو شڪار رهيو، ان کي منافعي بخش ادارو بڻائڻ لاءِ حڪومت هر ممڪن سهڪار ڪندي، پي آءِ اي کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم پي آءِ اي چيئرمين کي گڏيل بزنس پلان کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي. بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اداري جو ڪُل خسارو 414.3 ارب رپيا آهي، 194 جعلي ملازمن، 73 ڪيبن ڪريو ۽ 7 پائليٽس کي ڪوڙي ڊگري هجڻ تي فارغ ڪيو ويو. اجلاس ۾ عمران خان انتظاميا جي ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.27
Tags awami awaz Imran Khan PIA Prime Minister
هي به ڏسي سگهو ٿا
پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟
راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …