22 جمعہ , فروری 2019

وڳڻ: ڳوٺاڻن جو پوليس آفيسر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

  • *وڳڻ پريس ڪلب ۾ ڳوٺ مصري تنيو جي رھواسين پاران ايس ايڇ او وڳڻ منظور احمد چانڊيو جي ناجائزين خلاف احتجاج ڪيو ويو . ڳوٺاڻن واجد علي تنيو، ساجد حسين، منظور علي، محمد مٺل ۽ خدا داد تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .
  • ان موقعي تي ڳوٺانن چيو ته سندن ڳوٺ مصري تنيو تعلقي نصيرآباد ۾ واقع آھي جنھن مٿان ايس ايڇ او وڳڻ منظور چانڊيو ناجائز قبضو ڪري اتي پنھنجا ھٿياربند ويھاريا آھن.

هنن ٻڌايو ته پوليس آفيسر سندن سارين جو فصل به کڻي ويو جڏهن ته سندن مڇي جي تلاءَ تي پڻ قبضو ڪيو ويو آهي .

ڳوٺاڻن ٻڌايو ته هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهداد ڪوٽ کي به دانهون ڏنيون آهن پر ڪير به سندن سڏ ٻڌڻ وارو نه آهي .

هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پوليس آفيسر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے