22 پیر , اپریل 2019

 رپورٽ : ڪوٽڙي:  سائيٽ  واري  علائقي اسد آباد ڪالوني جي ٻٻر برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

  ڪوٽڙي جي  سائيٽ  واري  علائقي اسد آباد ڪالوني جي ٻٻر برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .

عورتن, مردن  توڙي ٻارڙن جو گهر ۽ دڪانن تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مبين احمد ٻٻر , ايوب ٻٻر , فضاء , صاحب خاتون , ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو ايٽ ڪوٽڙي پهچي ميڊيا آڏو   دانهنيدي چيو ته سندن  گهر ۽ دڪانن اسد آباد ڪالوني ڀرسان پوليس چوڪي وٽ آهي اتي بااثر ماڻهو علي گوهر ٻٻر هٿياربندن سان گڏجي   قبضو ڪري رهيو آهي ،اتي هٿياربند مقرر ڪيا ويا  آهن.

هنن چيف جسٽس آف پاڪستان , چيف جسٽس آف سنڌ هاء ڪورٽ , وزيراعلي سنڌ ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گهر ۽ دڪانن تي قبضي جو نوٽيس وٺي   کين انصاف فراهم  ڪيو وڃي………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪراچي: صحافي مشتاق سرڪي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

شاهراهه فيصل پوليس هٿان گرفتار ڪيل صحافي مشتاق سرڪي کي ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے