21 جمعرات , فروری 2019

رپورٽ : کوسڪي: اخبار پڙهڻ نه ڏيندڙ هاڪر کي پوليس گرفتار ڪري ورتو

کوسڪي ويجهو نندي شهر ۾ پوليس جو عجيب ڪارنامو، مفت ۾ اخبار پڙهڻ لاءِ نه ڏيڻ تان پوليس هاڪر کي گرفتار ڪري نشي واريون شيون کپائڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏنيون.

بنا سبب هاڪر جي گرفتاري بابت ڄاڻ تي صحافين نندي پوليس خلاف احتجاج ڪيو.

صحافين جي احتجاج بعد پوليس پورهيت هاڪر خالق ڏنو کي آزاد ڪيو.

متاثر هاڪر صحافين سان ڳالهائنيدي چيو ته پوليس اهلڪار روزانو اخبار  مفت ۾ پڙهڻ لاءِ گهرن ٿا نه ڏيڻ تان کيس گرفتار ڪري منشِيات جو ڪيس داخل ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏئي هيسايو ويو.

متاثر هاڪر اختيارين کان گهر ڪئي ته قانون کي هٿ ۾ کڻندڙ ايس ايڇ او سوڌو اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي……………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :جھڏو: آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سراج دراني جي گرفتاري خلاف ڌرڻو

جھڏي ۾ آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے