21 جمعرات , فروری 2019

رپورٽ : سنڌ ۾ گورنر راڄ جون ڳالهيون ڪندڙ آئين کان اڻواقف آهن: غلام قادر مري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويجهي ساٿي غلام قادر مري چيو آهي ته وفاقي حڪومت احتساب جي نالي تي مخالف ڌر کان پلاند وٺي هيسائڻ چاهي ٿي.

چمبڙ  پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي غلام قادر مري چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه وزير غير آئيني ڳالهيون ڪري سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ چاهين ٿا.

سندس چوڻ هو ته  آئين کان اڻواقف وزير عوام جي ڀلائي لاءِ جاکوڙڻ بدران رڳو بيان بازي ۾ پورا آهن.

غلام قادر مري چيو ته پ پ هر دور جي آمر جو مقابلو ڪري عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، ان ڪري سندس پاڙون عوام جي دلين ۾ مضبوط آهن.

هن چيو ته پ پ ۽ ن ليگ جا نظريي ڀلي الڳ آهن پر جمهوريت ۽ ايوان جي بالادستي لاءِ ٻئي گڏجي جدوجهد ڪري سگهن ٿيون.

غلام قادر مري چيو ته 6 تاريخ تي اڳوڻو صدر آصف زرداري چمبڙ پهچي ڪارڪنن کي خطاب ڪري مخالف کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندو………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :جھڏو: آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سراج دراني جي گرفتاري خلاف ڌرڻو

جھڏي ۾ آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے