23 بدھ , جنوری 2019

رپورٽ :ميهڙ: 11ڏينهن اڳ ڳجهي نموني گم ٿيل پورهيت جو پتو نه پيو، احتجاج

ميهڙ ڀرسان 11 ڏينهن اڳ ڳجهي نموني گم ٿيل پورهيت جي وارث عورتن ۽ معصوم ٻارن پاران ڳولها ۾ مدد ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ حاصل خان کوسو جو رهواسي ميهڙ باءَ پاس تان ڳجهي نموني گم ٿي ويو، جنهن جو اڃا تائين ڪٿي به ڪو ڏس پتو ناهي پيو.

وارث عورتن مسمات حاڪمان ڀاءُ نورنبي پڦي مسمات فاطمه مسمات بشيران مسمات حسينه ۽ ٻين چيو ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي، کين شڪ آهي ته غلام محمد عرف معشوق کي اغوا ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته 7 ٻارن جي پيءُ جي گمشدگي بابت پوليس کي ڄاڻ ڏني پر پوليس هن وقت تائين سي ڊي آر مطابق ڪارروائي ناهي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي نوجوان کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي…………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: مٺي: سڄاڻ ڌرين ۽ تعليمي ماهرن  تباهه ٿيل تعليم جو ذميوار ڪنهن کي ڏنو؟

سنڌ جي سول سائيٽي، تعليمي ماهرن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن تعليم جي بهتر لاءِ نئين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے