21 اتوار , اپریل 2019

رپورٽ: ٽنڊو آدم: ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ ايٽ ڄام نواز علي ۾ 22 هون والدين جو ڏهاڙو ملهايو ويو

ٽنڊي آدم ويجهو   ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ ايٽ ڄام نواز علي ۾ 22 هون والدين جو ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن ۾  تعليم  جي صوبائي وزير سيد سردار شاھ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي  ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسپال ۽ ڪمانڊر محمد آشرف ڀٽي خطاب ڪندي چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج سنڌ جي بهتيرين ڪاليجن مان هڪ آهي.

پرنسپال وڌيڪ چيو ته ڪاليج ۾ نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين سان گڏ بهترين تعليم ۽ راندين سان گڏ پرسڪون ماحول ڏنو ويندو آهي.

هنن چيو تھ  هن ڪاليج جا ڪيترائي شاگرد  هتان ڊاڪٽر،  انجنيئر ۽  فوجي آفيسر ٿي چڪا آهن .

ان موقعي تي پرنسپال محمد اشرف 2018 جي نصابي سرگرمين جي تفصيلي رپوٽ پيش ڪئي،جنهن ۾ شهيد بينظير ڀٽو ، اقبال آڊيٽوريل سيوريج سسٽم۽  واٽر سپلائي جهڙا منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن.

ان موقعي وزير تعليم سيد سرادر  شاھ  چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ  جو هي سندس پهريون دوروآهي.

هن چيو تھ  سانگهڙ جي سرزمين تاريخي منصوره جي ڌرتي آهي جنهن مان سنڌي جو پهريون چارٽ  منصوره مان شايع ٿيو.

هن چيو ماءُ ۽  پيءُ  علم ڏيارين ٿا پر  تربيت هنن ادارن مان استاد ڏين ٿا.

سيد سردار علي شاهه چيو تھ هن ڪنهن اهڙي ڊسيپلين اداري مان تعليم حاصل ناهي ڪئي.

هن چيو تھ  اڄ سفيد وردي ۾ نيوي جا امن پکي ڏسي خوشي ٿي آهي  جيڪي مستقبل جا معمار آهن.

سندس چوڻ هو تھ هي ادارو پنهنجي سڃاڻپ  سنڌ ليول تي ڪرائي چڪو آهي ۽ ٻين ادارن سان گڏ  شانا به شانا بٺيل آھي.

ان موقعي تي شاگردن مختلف جسماني ڪرتب پي ٽي شو، جمنا سٽڪ ، ٽائيگر اسڪواڊ،   هارس شو،  جمپنگ ۽ ٽينٽ  پينڪنگ جو مظاهروڪري خوب داد حاصل ڪيو…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: گمبٽ: پورهيتن جي گهرن کي ڪنهن ڏني باهه؟؟؟

گمبٽ ڀر سان ڳوٺ پپري ۾ اچانڪ باهه لڳڻ سبب جوڳي برادري جا 3 گھر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے