22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ: ٽنڊوالهيار: شهيد ڀٽي عوام جي حاڪميت کي برقرار رکڻ لاءِ جان جي قرباني ڏني:امداد علي پتافي

پ پ جي ايم پي اي امداد علي پتافي چيو آهي تھ  شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي عوام جي حاڪميت کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏني، سندس عظيم قرباني سبب اڄ به پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿي.

ٽنڊي الهيار پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  امداد علي پتافي چيو تھ ملڪ تي وفاقي حڪومت کي زوري مڙهيو ويو آهي، سندن ڪارڪردگي انتهائي خراب آهي.

هن چيو تھ  پي ٽي آءِ جي سرڪار پنهنجين ناڪامين تي پردو وجهڻ  لاءِ خراب زبان استعمال ڪري رهي آهي.

سندس چوڻ هو تھ  پاڪستان پيپلز پارٽي آصف علي زرداري ، بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي قيادت ۾ عوام جي ڀرپور  خدمت ڪري رهي آهي.

امداد علي پتافي چيو ته سنڌ جي حڪومت کي ڊاهڻ جون ڳالهيون ڪندڙ پنهنجي دماغ مان هوا ڪڍي ڇڏين ڇو ته پيپلز پارٽي کي عوام نجات جو ذريعو سمجهي ٿي ۽ عوام ئي پيپلز پارٽي جي حفاظت ڪندو.

هن چيو ته ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ جيڪي به ڪم رهيل آهن اهي جلد مڪمل ڪيا ويندا ، افوائون ڦهلائيندڙ اصل ۾ پنهنجي خدمت نه ڪرڻ جي ڪرتوتن تي پردو وجهڻ چاهن ٿا…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے