22 جمعہ , فروری 2019

ڀارت ۾ انتهاپسند هندن ڳئون جي چوري جو الزام هڻي مسلمان کي ماري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ انتهاپسند هندن ڳئون جي چوري جو الزام مڙهي وڌيڪ هڪ مسلمان کي ماري ڇڏيو. ڀارتي رياست بهار ۾ مڇريل ماڻهن ڳئون چوري جي الزام ۾ 55 ورهين جي محمد ڪابل کي تشدد ڪري ماري ڇڏيو. جنوني هندن هٿان مسلمان کي قتل ڪرڻ جو اهو واقعو 30 ڊسمبر تي پيش آيو هو پر پوليس ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. سوشل ميڊيا تي وائرل هڪ ويڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته محمد ڪابل رحم جي اپيل ڪندو رهيو پر ڪنهن به سندس هڪ نه ٻڌي. واقعي جي ويڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ اها خبر ميڊيا تي آئي، جنهن کان پوءِ پوليس اڻ ڄاتل ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته بي جي پي حڪومت جي اچڻ کانپوءِ اهڙن الزامن تي ڪيترن ئي مسلمانن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان چين پهچي ويو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پنهنجي ايشيا ٽور جي ٽين ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے