21 جمعرات , فروری 2019

رپورٽ: بدين: ڀلي 50 ڪيس ٺاهيا وڃن، بيوقوفن ۽ جاهلن کان نه ڊڄنداسين: آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته جيڪڏهن توهان کي هيءَ نوڪري ڪرڻ نه ٿي اچي ته ڇو ٿا ڪيو، مون کي ڪرڪيٽ نه ٿي اچي تنهن ڪري مان کيڏڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي.

بدين ۾ جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته هن سياست کي سکيو آهي، تنهن ڪري هو سياست ڪري رهيو آهي جڏهن ته سياست جي استاد سندس بينظير ڀٽو آهي جنهن کيس سياست سيکاري.

هن چيو ته سندن  رڳ رڳ ۾ جمهوريت آهي، تنهن ڪري اسان کي خبر آهي ته ماڻهن کي ڇا گهرجي، اسان هنن لاءِ اهڙي قسم جا قدم کڻندا آهيون.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جي ٻچي ٻچي کي خبر آهي ته بلوچستان ۽ ڪي پي کي ڇا گهرجي، موجوده حڪومت  ننڍي مدي وارا قدم کڻي رهي آهي، ايتري مدي ۾ ته اسان جي انبن جا باغ به تيار نه ٿيندا آهن.

هن چيو ته  حڪومت ڪشتو ٽنگيو آهي، حڪومت چوي ٿي ته پهريون 6 مهينا ڪجهه نه ٿو ٿي سگهي، 50 ملين ڊالر اسٽاڪ مارڪيٽ مان اڏي ويا، 7 لک ايڪڙ زمين سمنڊ جي ور چڙهي رهي آهي، سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي.

سندس چوڻ هو تھ ڪپتان جي اچڻ کان اڳ اسٽاڪ مارڪيٽ 90 ملين ڊالر جو هو، هاڻي کيس خيال آيو آهي ته ملڪ خطري ۾ آهي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته بي بي عوام جي خدمت جي ذميواري مون تي ڇڏي آهي، اسان ڪم ڪنداسين، اسان کي غريبن جي خدمت ڪرڻي آهي، جيل وڃڻ سان وڌيڪ مشهور ٿي ويندو آهيان.

هن چيو ته هڪ نه 50 ڪيس داخل ڪيو، اسان منهن ڏينداسين، توهان کي اهي ڳالهيون سمجهه ۾ نه ٿيون اچن ته حڪومت ڇو ٿا ڪيو، اسان کي خبر آهي ته عوام کي ڇا گهرجي تنهن ڪري هو ووٽ ڏيندا آهن.

سندس چوڻ هو ته هو  بيوقوفن ۽ جاهلن جي سازشن  کان نه ڊڄندا، ڪيسن کي منهن ڏينداسين. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته هي ڊراما ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جون ڳالهيون آهن، جيڪي دوست غير سياسي هنڌن تي ويٺا آهن کين سمجهائڻ چاهيان ٿو، جن جمهوري ادارن تي قبضا نه ڪيا آهن کين سوچڻ گهرجي ته سڀاڻي ڇا ٿيندو، ڪهڙي نموني اسان ملڪ کي وٺي وڃي رهيا آهيون، اسان جو خسارو وڌي رهيو آهي.

هن چيو ته جنهن پنهنجي منزل پاڻ طئي ڪئي آهي ته ان کي توهان  ڇو ڊيڄاري رهيا آهيو………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :جھڏو: آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سراج دراني جي گرفتاري خلاف ڌرڻو

جھڏي ۾ آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے