22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ :سن: پليجا اليون ڪرڪيٽ ڪلب لاکڙا کي مات ڏئي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪيو

سن ۾ آل پاڪستان شاھ حيدر ڪرڪيٽ ڪلب جي ميزباني هيٺ 41 هون آل پاڪستان ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول جي ميدان تي سيمي فائينل ۽ فائينل کيڏيا ويا
شاهه حيدر ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي آرگنائيزر سيد امجد شاهه ٻڌايو ته ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ملڪ جي 24 ٽيمن حصو ورتو، چئن ٽيمن ڪواليفائيي ڪيو
شاهه لطيف ڪرڪيٽ ڪلب منظور آباد بمقبلا امجد سومرو اليون سن سان سمي فائينل کيڏيا، ٻيو مقابلو ڪول مائينر ڪرڪيٽ ڪلب بمقابلا پليجا اليون سان کيڏيو ويو، جنهن ۾ سيمي فائينل ۾ امجد سومرو اليون کٽي فائينل ۾ پهتي جڏهن ته فائينل ۾ لاکڙا ڪول مائينر ڪرڪيٽ ڪلب ۽ پليجا ڪرڪيٽ ڪلب جي وچ ۾ مقابل ٿيو
پليجا اليون ڪرڪيٽ ڪلب لاکڙا کي هارايو فائينل کيڏڻ لاءِ ٽاس ڪئي وئي جنهن ۾ امجد سومري جي ٽيم ٽاس کٽي پليجا اليون کي بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني
پليجا ڪرڪيٽ اليون اٺن اوورن ۾ 111رنسون ٺاهيون جڏهن ته امجد سومري جي ٽيم 105 رنسون ٺاهي سگهي ۽ ڇهن رنسن جي نقصان تان امجد سومري جي ٽيم مئچ هارائي وئي ،
فاتح ٽيم کي مهمان خاص پ پ ضلعي ڄامشوري جو جنرل سيڪريٽري لالا رحمان پٺاڻ ونر ٽِيم جي ڪيپٽن تنوير پليجي کي ونرٽرافي ۽ هڪ لک روپيا روڪ رقم انعام ڏنو،………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :ڪراچي : آغا سراج دراني جي گرفتاري کي سنڌ اسيمبلي تي حملو سمجهون ٿا

رپورٽ :ڪراچي : آغا سراج دراني جي گرفتاري کي سنڌ اسيمبلي تي حملو سمجهون ٿا

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے