22 جمعہ , فروری 2019

برسات سبب چوٿين ٽيسٽ ڊرا، ڀارت آسٽريلوي سرزمين تي پهرين سيريز کٽي ورتي

سڊني ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ چوٿين ٽيسٽ ميچ برسات سبب ڊرا ٿيڻ سان ڀارت چئن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ٻه هڪ تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. فالو آن کانپوءِ ڪينگروز پنهنجي ٻي اننگز جا رڳو چار اوور ئي کيڏيا هئا ته ميچ جو چوٿون ڏينهن برسات جي ورچڙهي ويو،  راند جي پنجين ۽ آخري ڏينهن پڻ برسات جو سلسلو جاري رهيو جنهن سبب امپائرن ميچ ڊرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو. جنهن وقت ميچ ڊرا ڪئي وئي ، اُن وقت آسٽريليا جي مارڪس هيرس 2 ۽ عثمان خواجه چئن رنسن سان ڪريز تي موجود هئا. جنهن بعد ڀارت کي ٽيسٽ ميچ جو فاتح قرار ڏنو ويو. سيريز کٽڻ کانپوءِ ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي جو چوڻ هو ته مونکي ان ٽيم جو حصو هئڻ تي فخر آهي، هن وڌيڪ چيو ته اها منهنجي ڪيريئر جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. اهڙي طرح ڪپتان ورات ڪوهلي جي اڳواڻي ۾ نه رڳو  ڀارت آسٽريليا جي سرزمين تي پهرين سيريز کٽي پر ڀارت ڪينگروز جي سرزمين تي ٽيسٽ سيريز کٽيندڙ پهريون ايشين ملڪ پڻ بڻجي ويو آهي. پجارا کي ميچ  ۽ سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. واضح رهي ته ڀارت پهرين اننگز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 622 رنسن ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪئي هئي، جنهن جي جواب ۾ آسٽريليا جي پوري ٽيم پهرين اننگز ۾  300 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے