21 جمعرات , فروری 2019

سعد رفيق جي اڪائونٽن ۾ 8 ورهين دوران 46 ڪروڙن کان وڌيڪ رقم منتقل ٿيڻ جو انڪشاف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري اڳوڻي وزير خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق خلاف نيب جي جاچ رپورٽ منظر تي اچي وئي آهي، جنهن موجب سعد رفيق جي اڪائونٽ ۾ 8 ورهين دوران 46 ڪروڙ 60 لک رپيا منتقل ٿيا. رپورٽ موجب سلمان رفيق ۽ نديم ضياءَ جا پٽ پيراگون سٽي جا ڊائريڪٽر آهن، سلمان رفيق ۽ نديم ضياءَ جي پٽن جي نالي تي 2 ارب 96 ڪروڙن جي رقم جاري ٿي، جڏهن ته سعد رفيق جي اڪائونٽن ۾ 8 ورهين دوران 46 ڪروڙ 60 لک رپيا منتقل ٿيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 5 سئو کان وڌيڪ ٽرانزيڪشنز 2010 کان 2018 وچ ۾ ٿيون، سعد رفيق جي ڊي ايڇ اي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 13 ڪروڙ 30 لک رپيا منتقل ٿيا، جڏهن ته ٻئي اڪائونٽ ۾ 7 ڪروڙ 50 لک منتقل ٿيا. جاچ رپورٽ موجب سعد رفيق جي وڌيڪ ٽن اڪائونٽن ۾ 6 ڪروڙ 70 لک رپيا منتقل ٿيا، سعدان ايسوسيئيٽ جي بئنڪ اڪائونٽن ۾ 15 ڪروڙ منتقل ٿيا، ايسوسيئيٽ جي ٻن اڪائونٽن ۾ 2012 کان 2018 تائين رقم منتقل ٿي. رپورٽ موجب سعد رفيق جي 5 بئنڪ اڪائونٽن ۾ ايگزيڪيوٽو بلڊر 23 ڪروڙ 28 لک رپين جي رقم منتقل ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي فوجي مارجڻ جو هڪ ٻيو واقعو…

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست هماچل پرديش ۾ فوجي ڪئمپ تي برفاني ڇِپ ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے